اسلام آباد(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس فرخ عرفان جي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي سپريم جوڊيشل ڪونسل کليل عدالت ۾ ڪئي جنهن دوران چيف جسٽس وڪيل حامد خان کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان کي اِهو طعنو نه ٻڌڻو پوي ته عدليه ۾ پاناما ليڪس جا جج ويٺا آهن. ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فرخ عرفان جو نالو به پاناما ليڪس ۾ آف شور ڪمپنيون بڻائيندڙن جي فهرست ۾ شامل هو. جسٽس فرخ عرفان جي خلاف ريفرنس چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج رڪني جوڊيشل ڪونسل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس فرخ عرفان جي وڪيل حامد خان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو حلفي بيان پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. ان تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته حامد خان توهان اڳوڻين چيف جسٽسز کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ چاهيو ٿا، اسان ايترن معتبر ججن کي نه گهرائينداسين ۽ نه ئي اڳوڻي چيف جسٽس کي گهرائڻ جو حڪم ڏينداسين، جيڪڏهن حامد خان توهان پاڻ هنن کي رضاڪاراڻي طور تي وٺي آيا ته اعتراض ناهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته حامد خان توهان جسٽس فرخ عرفان بابت وڪيلن جا حلفي بيان ڏئي رهيا آهيو ڇا اِهو مناسب آهي؟ وڪيل حامد خان چيو ته جسٽس فرخ عرفان تي به اِهو به الزام آهي هو ٻڌڻي دوران ڪاوڙ ۾ اچي ويندو آهي، ان ڪري سندس ساٿي جج اسد منير جو حلفي بيان پيش ڪري رهيو آهيان. ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس اسد منير به سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته جسٽس فرخ عرفان بابت حلفي بيان منهنجو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل اڳوڻي جج اسد منير تي جرح ڪندي چيو ته ڇا توهان کي جسٽس فرخ عرفان جي ٽيڪس معاملن جو علم آهي؟ ان تي اسد منير جو چوڻ هو ته مون کي ان جو علم ناهي. هن جسٽس (ر) اسد منير کان پڇيو ته توهان جسٽس فرخ عرفان کي ڪڏهن کان سڃاڻو ٿا؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته آئون 1990ع کان جسٽس فرخ عرفان کي سڃاڻان ٿو. ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ پڇيو ته ڇا توهان کي جسٽس فرخ عرفان جي پاناما ليڪس کان پهرين آف شور ڪمپنين سان تعلق جو علم هو؟ ان تي به جسٽس (ر) اسد منير نفي ۾ جواب ڏنو. ان دوران چيف جسٽس به جسٽس (ر) فرخ عرفان کان سوال ڪيو ته توهان کان حلفي بيان جي لاءِ ڪنهن رابطو ڪيو؟ ان جي جواب ۾ جسٽس (ر) اسد منير چيو ته حلفي بيان جي لاءِ جسٽس فرخ عرفان پاڻ رابطو ڪيو هو. چيف جسٽس اڳوڻي جج کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا حلفي بيان پاڻ ٽائپ ڪيو يا اسٽينو کان ڪرايو؟ اسان اسٽينو ۽ ٽائپسٽ کي به گهرائي وٺنداسين. اڳوڻي جج اسد منير جو چوڻ هو ته پرنٽر منهنجي آفيس جو نه هو مون اي ميل ڪيو، ان تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪنهن کي اي ميل ڪيو؟ جنهن جي جواب ۾ اڳوڻي جج جو چوڻ هو ته فرخ عرفان جو ڀاءُ حسن عرفان جيڪو هن ڪيس ۾ وڪيل به آهي. ان دوران چيف جسٽس جسٽس فرخ عرفان جي وڪيل کي خطاب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته حامد خان، آئون ديواني ڪيسن ۾ بهترين جرح ڪندڙ وڪيل رهيو آهيان ان ڪري فوري طور تي شاهد آڻيو اسان سڀني جا گڏ بيان قلم بند ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته اسان پاڻ شاهد کي گهرائڻ لاءِ آواز هڻڻ شروع ڪيون، اسان آواز هڻنداسين ته فلاڻو فلاڻو حاضر ٿئي. هن چيو ته حامد خان جيترن وڪيلن جا حلفي بيان ڏنا آهن اُهي جج صاحب جي لا فرم جا ملازم آهن ۽ آئون سوچي رهيو آهيان ته حلفي بيان ڏيندڙ وڪيلن بابت هڪ لفظ لکي ڏيو ته ان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو، تڙي نه پيو هڻان سوچي رهيو آهيان ته هي ڪيترو وڏو رسڪ کڻي رهيا آهن . ان دوران وڪيل حامد خان جو چوڻ هو ته توهان سختي سان ڳالهائيندا آهيو ته نوجوان وڪيل گهٻرائجي ويندا آهن. سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس فرخ عرفان جي رپورٽڊ ڪيسن جي فهرست طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ۽ جسٽس فرخ عرفان جو وڪيل حامد خان سان مڪالمو ٿيو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته حامد خان اسان کي ٻڌايو ته اسان جو جج ديانتدار آهي، اسان کي اِهو طعنو نه ٻڌڻو پوي ته عدالت ۾ پاناما ليڪس جا جج ويٺا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سادو سوال آهي ته پيسا جائز طريقي سان ڪمايا ۽ جائز طريقي سان ٻاهر ويا؟ سادو آهي ته ديانتداري جو ثبوت ڏئي ڇڏيو. جسٽس ثاقب نثار وڪيل حامد خان کي چيو ته توهان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي آڻڻ چاهيو ٿا ته آڻيو پر افتخار چوڌري توهان جي طرفان بيان حلفي ۾ اِهو ئي چيو آهي ته فرخ عرفان سٺو ماڻهو آهي؟ افتخار چوڌري صاحب کان پڇيو وڃي ته آف شور ڪمپنين جو علم هو؟ ته هو ڇا چوندو ته مون کي علم نه هو. ان تي وڪيل حامد خان جو چوڻ هو ته افتخار محمد چوڌري جي ذات بابت ڇو سوال ٿيو؟ هو ته ايترو ئي ٻڌائيندو ته فرخ عرفان جج بڻجڻ کان پهرين واپار ڇڏي چڪو هو. ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو هي پيسا پاڪستان ۾ ناهن ڪمايا، جڏهن ٻاهر هئا ته هي ڊڪليئر ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، هاءِ ڪورٽ جي ججن جا فيصلا اسان وٽ ايندا آهن، خبر آهي ته ڪهڙو جج ڪيتري پاڻي ۾ آهي. بعد ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي اڄ شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فرخ عرفان پنهنجي خلاف جوڊيشنل ڪونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. تفصيل موجب جسٽس فرخ عرفان درخواست ايڊووڪيٽ حسن عرفان جي ذريعي داخل ڪئي جنهن ۾ وقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪونسل ۾ جسٽس فرخ عرفان خلاف ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ نذر چوهاڻ جوڊيشل ڪونسل ۾ بيان حلفي جمع ڪرايو آهي ۽ نه ئي پيش ٿيو آهي، منهنجي خلاف شڪايت بدنيتي ۽ تذليل جي غرض سان داخل ڪئي وئي ان ڪري سپريم جوڊيشل ڪونسل نذر چوهاڻ جي شڪايت غير قانوني قرار ڏئي خارج ڪري ۽ ڪوڙي شڪايت داخل ڪرائيندڙ کي سزا ڏئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيترائي ڀيرا ريٽائرمنٽ کان اڳ شڪايت جو فيصلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چڪو آهي، اپيل ڪئي وڃي ٿي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل درخواست تي حتمي فيصلي تائين ڪوسل جي ڪارروائي روڪي. درخواست موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل طرفان شفاف ٽرائل جو حق نه پيو ڏنو وڃي جڏهن ته بي بنياد الزام ختم ڪيا وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟