ملائيشيا جي بادشاهه تخت ڇڏي ڏنو

10Shares

ڪوالالمپور (م ڊ) ملائيشيائي بادشاهه سلطان محمد تخت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس آفيس طرفان تخت ڇڏڻ جي حوالي سان ڪو سبب بيان ناهي ڪيو ويو. 49 ورهين جي ملائيشيائي بادشاهه جي مستقبل جي حوالي سان اڳڪٿيون گذريل ڪجهه هفتن کان جاري هيون. هن پنهنجي آفيس مان رخصت به طلب ڪئي هئي. 1957ع ۾ برطانيا کان آزادي بعد سلطان محمد پهريون بادشاهه آهي، جن تخت ڇڏيو آهي. هو 2016ع ۾ تخت تي ويٺو هو. ملائيشيائي بادشاهه گذريل سال روس جي سندري مس ماسڪو سان شادي ڪئي هئي.

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں