پروٽيز ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ شاهينن کي 9 وڪيٽن تان هارائي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

0Shares

ڪيپ ٽائون ( اسپورٽس نيوز ) ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز پنهنجي ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. قومي ٽيم جي بيٽنگ لائين هڪ ڀيرو ٻيهر فلاپ ٿي وئي جنهنڪري ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌلسيريز  جي ٻنهي ميچن ۾ قومي ٽيم کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي پهرين اننگز کانپوءِ ٻي اننگز ۾ به قومي ٽيم جا بيٽسمين ناڪام ثابت ٿيا ۽ رڳو ٽن بيٽسمينن اسڪور ڪري ٽيم کي سهارو ڏنو. پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان جي 177 رنسن جي جواب ۾ 431 رنسون ٺاهيون ۽ 254 رنسن جي برتري حاصل ڪري آل آئوٽ ٿي وئي. قومي ٽيم جا بيٽسمين جڏهن ڏکڻ آفريڪا جي 254 رنسن جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿا ته اسد شفيق، شان مسعود ۽ بابر اعظم کانسواءِ ڪو به بيٽسمين ڪريز گهڻي دير بيهي نه سگهيو.  ٻئي اننگز ۾ اسد شفيق 88 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته بابر اعظم 72 ۽ شان مسعود 61 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ٻئي اننگز ۾ قومي ٽيم 294 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريڪا تي رڳو 40 رنسن جي سرسري حاصل ڪري سگهي. پاڪستان جي 41 رنسن جو هدف ڏکڻ آفريڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي کي شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں