سڊني ٽيسٽ: آسٽرليا 300 رنسن تي ڍير ٿي فالو آن جو شڪار

0Shares

 سڊني(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي آسٽريليا خلاف چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پوزيشن مضبوط آهي، آسٽريلوي ٽيم کي اننگز جي شڪست جو خطرو، ميزبان ٽيم پهرين اننگ ۾ 300 رنسون ٺاهي ڍير ۽ ان کي فالو آن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪلديپ ياديو 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، آسٽريلوي ٽيم چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين پنهنجي ٻئين اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 6 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ ان کي اننگز جي شڪست کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 316 رنسون گهربل آهن. سڊني ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن آسٽريلوي ٽيم 236 رنسن تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات ڪئي ۽ پوري ٽيم 300 رنسون ٺاهي پويلين واپس هلي وئي ۽ ان کي فالو آن کي منهن ڏيڻو پيو،  هينڊزڪامب 37، پيٽ ڪمنز، نيٿن ليون ٻڙي ۽ جوش هيزلووڊ 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، مچل اسٽارڪ 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪلديپ 5، محمد شامي ۽ روندرا جڊيجا ٻه، ٻه جڏهن ته جسپريت بمرا هڪ وڪيٽ ورتي، فالو آن کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ٻئين اننگز ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 6 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ ان کي اننگز جي شڪست کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 316 رنسون گهربل آهن، عثمان خواجا 4 ۽ مارڪس هيرس 2 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں