فاطمه ثنا شيخ بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) سپر هٽ فلم دنگل کان فني سفر جي شروعات ڪندڙ اداڪارا فاطمه ثنا شيخ عامر خان کانپوءِ  بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن فلم ” سليوٽ“ ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي مقابلي دنگل گرل فاطمه ثنا شيخ جو نالو غور هيٺ آهي. رپورٽن موجب فلمساز فاطمه ثنا شيخ جي اداڪاري مان تمام گهڻو متاثر آهي. اداڪارا فاطمه ثنا شيخ آخري ڀيرو مسٽر پريفڪشنسٽ عامر خان جي فلم ٺگس آف هندوستان ۾ نظر آئي هئي. فلم ته باڪس آفيس تي ناڪام ٿي وئي پر فلم ۾ فاطمه ثنا شيخ جي پرفارمنس جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي، جنهنڪري ڀارتي خلاباز راڪيش شرما جي حياتي تي ٺهندڙ فلم سليوٽ جي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪنگ خان جي مقابلي ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ فاطمه جي نالي تي غور ڪري رهيا آهن. فاطمه ثنا شيخ کان اڳ اداڪارا ڀومي پانڊيڪر جو نالو پڻ فلم جي مرڪزي اداڪارا طور تي ورتو پئي ويو جڏهن ته اداڪارا ڪرينا ڪپور خان، واني ڪپور ۽ پريانڪا جو نالو پڻ غور هيٺ هو. اهو پهريون ڀيرو ناهي جو فاطمه ثنا شيخ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪندي پر هوءَ ان کان اڳ  فلم ” ون ٽو ڪا فور“ ۾ چائلڊ آرٽسٽ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ان فلم دوران کيس ڪنگ خان سان محبت ٿي وئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں