منهنجا والدين هڪٻئي سان گڏ ناهن رهندا ان تي مان خوش آهيان: سارا علي خان

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي ته سندس والدين گڏ ناهن. گهڻي قدر ٻار والدين جي ڌار ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ناهن ڪندا ۽ کين ان ڳالهه جي تڪليف ٿيندي آهي سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي. پر بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان ان جي ابتڙ سوچ رکي ٿي. تازو ئي هڪ انٽرويو ڏيندي سارا کان جڏهن سندس والدين سيف علي خان ۽ امريتا سنگهه جي عليحدگي بابت راءِ گهري وئي ته سارا چيو ته مان خوش آهيان ته منهنجا والدين گڏ نه آهن.  سارا علي خان پنهنجي وضاحت ڪندي چيو ته مونکي خبر آهي ته جيڪڏهن هو هڪ ٻئي سان گڏ هجن ها ته ڪڏهن به خوش نه رهي سگهن ها تنهنڪري جيڪڏهن هو خوش نه هجن ها ته مان به خوش نه هجان ها. مونکي لڳي ٿو ته اهڙا والدين جيڪي الڳ گهرن ۾ رهندا آهن خوش هوندا آهن ۽ اهڙن والدين کان بهتر هوندا آهن جيڪي هڪ ئي گهر ۾ گڏ رهڻ باوجود خوش ناهن هوندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں