بدين(ڊ ر) ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي طوفانن جو ڊپ ڏيڻ واري ۽ ڊراما ڪرڻ وارن کي چوان ٿو ته ڀلي مون مٿان 50 ڪيس داخل ڪيا وڃن پر آئون ڪنهن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان ضلع چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو پاران ڏنل منجهند جي ماني جي دعوت جي موقعي تي ماتلي ڀرسان ڳوٺ ڪپري موري ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو موجود حڪمران هاڻ چون ٿا ته ملڪ کي خطرو آهي پر اصل ۾ ڪرڪيٽ جي رانديگر کي ملڪ هلائڻ جي خبر ئي نه آهي جيڪڏهن مون کي ڪرڪيٽ راند جي خبر نه آهي تنهن هوندي به آئون ميدان ۾ لهي پوان موجوده حڪمرانن کي جڪڏهن ڪم ڪرڻ ئي نه ٿو اچي ته نوڪري ڇو ٿا ڪن. هن چيو ته حڪمرانن کي خبر هئڻ گهرجي ته هاڻ ملڪ ۾ حڪومت صحيح گائيڊ لائين تي هلائڻ واري بيورو ڪريسي نه رهي آهي ڇاڪاڻ ته موجوده حڪمرانن کي آڻيندڙن وٽ به اهليت ئي نه آهي هن چيو موجود حڪمت وٽ صرف 5 سالن جي پلان جي تياري ڪري رهيا آهن پر پنجن سالن ۾ ته انبن جو باغ ئي تيار نه ٿيندو آهي پر اسان وٽ 50 سالن جو پلان هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڊگهي ۽ جٽادار پاليسي هئڻ گهرجي هن چيو ته ملڪ جي موجوده حڪومت جي پاليسين سبب بجلي جي سرڪيولر ڊيبٽ جو خسارو وڌي رهيو آهي، حڪمرانن جي پاليسين سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ننڍن سيڙپڪارن جا 50 بلين ٻڏي ويا جڏهن ته اسان دنيا مان هڪ ٻه بلين ڊالر جي خيرات ملڻ تي خوشيون ملهائي رهيا آهيون هن چيو ته حڪمران چون ٿا ته 6 مهينن جو وقت به ٿورو آهي پر مون پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کان پهرين فناس منسٽر معرفت اسٽاڪ ايڪسينچ وارن کي گهرائي تجويزون ورتيون ته ٻاهرين امداد تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي وسيلن کي ڪيئن ڪتب آڻجي اهو سبب آهي جو اسان پنهنجي دور ۾ ڪي به ٽيڪس نه لڳايا آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ پختوتن بلوچن ۽ ٻين قومن کي سندن جائز حق ڏنا آهن جنهن ڪڏهن اهو ڏوه آهي ته ڀلي مون تي ان ڏوه جو جو ڪيس داخل ڪري ڦاسي تي چاڙهيو وڃي ڇاڪاڻ عوام جي اصل چونڊيل نمائيندن کي ئي خبر هوندي آهي ته ڪنهن کي ڪهڙو حق ملڻ گهرجي هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين سبب عوام اسان کي ووٽ ڏئي ٿو اسان جي دلين ۾ غريبن جو احساس ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو ڏنل نظريو آهي اسان شهيد بي نظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي ضرور پورو ڪنداسين بدين جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي خبر آهي ته سمنڊ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي 7 لک زمين ڳڙڪائي ويو آهي اسان سمنڊ کي روڪڻ لاءِ ذوالفقار آباد رٿا شروع ڪيو پر ڪجهه نادان دوستن ان جي مخالف شروع ڪئي پر هاڻ سمنڊ کي روڪڻ لاءِ اسان ڪوسٽل هاءِ وي جو ڪم شروع ڪيو آهي جنهن سان سمنڊ کي اڳتي اچڻ کي روڪي سگهبو بدين جيڪي مسئلا بيان ڪيا ويا آهن انهن کي واري واري سان ضرو حل ڪيو ويندو هن چيو پاڻي جي کوٽ جو مسئلو قدرتي آهي پر اسان صوبي جي مک واهن جي لائننگ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو ڪمند جي بحران جي حوالي سان هن دعويٰ ڪئي سنڌ ۾ منهنجو شگرملون بند ڪري عام هاري ۽ زميندار لاءِ معاشي بحران پيدا ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته آئون نقصان برداشت ڪري سگهان ٿو پر عام هاري جيڪو 50 سيڪڙو جو حصيدار هوندو آهي اهو نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي جلسي کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه زراعت کاتي جي وزير محمد اسماعيل راهو اين اين اي مير غلام علي ٽالپر ضلع چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو پڻ خطاب ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟