گڏيل عرب امارات جي ولي عهد جي پاڪستان آمد، وزيراعظم سان ملاقات، لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

1Shares

اسلام آباد(بيورو) گڏيل عرب امارتن جو ولي عهد پاڪستان جي مختصر دوري کانپوءِ واپس روانو، وزيراعظم عمران خان سان ون آن ون ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون، لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق. رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن جو ولي عهد محمد بن زيد هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جي دوري  تي پهتو، اماراتي ولي عهد جي اسلام آباد پهچڻ تي ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاڻ سندس نور خان ايئربيس تي استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاڻ گاڏي هلائي مهمان سان گڏ نور خان ايئربيس کان وزيراعظم هائوس لاءِ روانو ٿي ويو، گڏيل عرب امارت جي ولي عهد شيخ محمد بن النهيان کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اماراتي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي لاڳاپن، خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. گڏيل عرب امارات طرفان 3 ارب ڊالرن جي امداد ۽ سرمائيداري جي حوالي سان معاملا به غور هيٺ آيا. ٻئي طرف جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان 3 ارب ڊالر جي امداد تي معزز مهمان جو شڪريو ادا ڪيو. هوڏانهن گڏيل عرب امارات جو ولي عهد پاڪستان جي مختصر دوري کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں