ٻاهران آندل ماڻهن پ پ سان غداري ڪئي، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ قانوني جنگ وڙهنداسين: وڏو وزير

2Shares

بدين(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته غلطيون اسان کان ٿيون آهن، ٻاهر کان آندل ماڻهن پيپلز پارٽي سان غداري ڪئي، غدارن پيپلز پارٽي جي پٺي تي ڇري هنئي، بدين جا ماڻهو انهن غدارن کان پلاند ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سازشن جي باوجود عوام ڌانڌلي کي شڪست ڏني، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهه ٿي، ڌانڌلي وسيلي کٽيندڙ بدين جا ماڻهو به ميٽنگ ۾ موجود هئا، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ عدالتن ۾ به وينداسين. مراد علي شاهه چيو ته اهو ئي وزيراعظم چوندو هو ته پنندس ڪونه، پر در در پني رهي رهيو آهي، اهو چوي ٿو ته مان ڇا ڪيان ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان کي سياست جي خبر نه هئي ۽ ڪو تجربو نه هو پوءِ به ان کي آندو ويو، ان کي حڪومت ڪرڻ اچي نه ٿي، صرف سيلفيون ڪڍڻ اچن ٿيون، اسان کي ڪيميرائن ۽ سيلفين جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ڇڏيندس ڪونه جي رٽ به ختم ٿي وئي، هاڻ چوي ٿو مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ان کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پراڻن حڪمرانن جو حوالو ڏيڻو پوندو آهي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں