“جي آءِ ٽي رپورٽ جو مقصد سياسي انتقام آهي: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

2Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ زرداري گروپ ۽ زرداري خاندان بابت جي آءِ ٽي جي الزامن کي رد ڪيو ويو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙي آهي ۽ ان جو مقصد سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ آهي. آصف زرداري پنهنجي جواب ۾ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جا سمورا واليم نه ڏٺا آهن، رپورٽ تي پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا. آصف زرداري پنهنجي جواب ۾ جاچ رپورٽ، دستاويزن، اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن ۽ جي آءِ ٽي جي مڪمل رپورٽ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽس جي ذريعي مني لانڊرنگ جي معاملي پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ لاءِ نئين مشڪل پيدا ڪري ڇڏي آهي. جي آءِ ٽي زرداري گروپ جون 37 ملڪيون منجمند ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن ۾ بلاول هائوس ڪراچي، لاهور ۽ زرداري هائوس اسلام آباد به شامل آهن. جي آ3 ٽي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل سفارشن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ ۽ دبئي ۾ ملڪيتون به منجمد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جي آءِ ٽي سفارش ڪئي آهي ته بلاول هائوس ڪراچي جا پنج ئي پلاٽ منجمند ڪيا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جي سموري شهري ۽ زرعي زمين منجمد ڪئي وڃي. جاچ ٽيم اومني گروپ جون شگر ملز، زرعي ۽ توانائي ڪمپنين سميت سمورا اثاثا منجمد ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں