ڪراچي چڙيا گهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، 100 کان وڌيڪ دڪان پٽ، دڪاندارن جو احتجاج

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي اينٽي  انڪروچمينٽ سيل پاران ڪراچي چڙيا گهر گانڌي گارڊرن  جي احاطي ۾ قائم دڪانن خلاف آپريشن 100 کان وڌيڪ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا دڪاندارن پاران ٽائر ساڙي احتجاج انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪي وئي گرينڊ آپريشن ڪي ايم سي کي ڳلي ۾ پئجي ويو چڙيا گهر جي احاطي ۾ قائم دڪانن به ڊاهڻ پيا ڪيترن وئي ڏهاڪن کان قائم دڪان ڊاهڻ لاءِ وڏي انگ ۾ مشينري استعمال ڪئي وئي دڪان ڊهڻ ۽ ڪاروبار تباهه ٿيڻ تي دڪاندار سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ ٽائر ساڙي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪندا رهيا دڪان ڊاهڻ واري ڪارروائي دوران شهرين کي پري رکڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو ويو مهينن جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو ملبي هيٺان اچي زخمي ٿيا اختيارين موجب ڪارروائي عدالتي حڪمن تي لاڳاپيل ايسوسيئيشن جي گڏيل راضپي سان ڪئي پئي وڃي، ڪرائيدارن کي ڪاروبار لاءِ متبادل جاءِ ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں