جعلي اڪائونٽس ڪيس: جي آءِ ٽي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) جعلي اڪائونٽ ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال  ٽالپر جا اثاثا بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جعلي اڪائونٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ۾ نيون سفارشون جمع ڪرائيندي آصف زرداري، فريال ٽالپر، اومني گروپ ۽ زرداري گروپ جا اثاثا بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته زرداري ۽ اومني گروپس غير قانوني اثاثا ٺاهيا، سرڪاري فنڊز ۾ بي ضابطگيون ڪيون ۽ ڪميشن ورتي. ٻنهي گروپس غير قانوني پئسو حوالي ۽ هنڊي وسيلي پرڏيهه منتقل ڪيو جنهن جون شاهديون موجود آهن، ان ڪري عدالت کان استدعا ڪئي وڃي ته ٻنهي گروپس جي ماتحت مختلف ڪمپنين جا اثاثا بند ڪيا وڃن. جي آءِ ٽي خدشو ظاهر ڪيو ته انهن اثاثن جي پرڏيهه منتقل ٿيڻ جو خدشو آهي، ان لاءِ احتساب عدالت جي فيصلي تائين انهن اثاثن کي بند رکيو وڃي. جي آءِ ٽي عدالت کي درخواست ڪئي ته ايس اي سي پي کي زرداري ۽ اومني گروپ جي ڊائريڪٽرز جي تبديلي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جي آءِ ٽي آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جي سموري شهري ۽ زرعي زمين، نيويارڪ ۽ دبئي جون ملڪيتون، ڪراچي ۽ لاهور جا بلاول هائوسز، زرداري هائوس اسلام آباد، اومني گروپ جون سموريون شوگر ملز، زرعي ۽ توانائي ڪمپنيز سميت سمورا اثاثا بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں