ڀارتي ايڊوينچر جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، غيرذميواراڻن بيانن سان خطي جو امن متاثر ٿي سگهي ٿو: پاڪستان

0Shares

راولپنڊي/اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڪنٽرول لائين تي ڀارتي مهم جوئي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج ڀارتي ايڊوينچر جو  جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ڀارت جا غيرذميواراڻا بيان پروپئگنڊا کانسواءِ ڪجهه به ناهن جيڪڏهن ڪنٽرول لائين ڪنهن به قسم جو مس ايڊوينچر ٿيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ڀارت اهو نه سمجهي ته غيرذميواراڻن بيانن سان دٻاءُ وجهي سگهي ٿو پاڪ فوج ڪنٽرول لائين تي مهم جوئي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ  ڀارت ڊي جي ايم اوز وچ ۾ هاٽ لائين تي رابطو ٿيندو رهندو آهي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ فوج جي تياري واري حالت ۾ هئڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين چڙ ڏياريندڙ بيانن جو ڪوڙين دعائون تي نظر رکيو ويٺا آهيون  ۽ ڀارت کان ڪنهن به امڪاني خطري جي صورت ۾ هڪ پيشيور آرمي طور منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي قيادت جا غيرذميواراڻا بيانن سان خطي جو امن متاثر ٿي سگهي ٿو ڀارت ڪنهن به قسم جي جارحاڻي ڪارروائي ڪئي ته جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ ترڪي گڏجي ڪم ڪندا وزيراعظم جو ترڪي جو دورو ڪامياب رهيو ترڪي سان 5 سالن لاءِ جوائنٽ معاشي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ڀارت پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي ته سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ارادو آهي اهو غيرذميواراڻو ۽ افسوسناڪ رويو آهي اسان ڳالهين سان مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا پاڪسان پرامن ملڪ آهي ڀارت کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي هن چيو ته اڄ ڀارت جي اندر به آواز اٿي رهيا رهيا آهن حسين حقاني جو دامن صاف آهي ته ڏيهه اچي ڪيسن کي منهن ڏئي. وزيراعظم عمران خان جي ترڪي جي طيب اردگان سان فائديمند ملاقات ٿي هن چيو ته منهنجي ترڪ پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪ پرڏيهي وزير کي افغانستان جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو شاهه محمود قريشي چيو ته سيريا جي صورتحال تي ترڪ پرڏيهي وزير پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪي ۾ سيڙپڪارن سان به سٺيون ملاقاتون ٿيون شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترڪش بزنس ڪائونسل سان بهترين بيهڪ ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند شخصيتن سان ملاقات ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪي جا سيڙپڪار پاڪستان جي 50 لک گهر اڏڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا شاهه محمود قريشي چيو ته صحت ۽ زراعت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ هاءِ ليول ڪوآپريتو ڪائونسل تي پلان تيار ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں