ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاههاوشين مال ڪراچيءَ ۾ سنڌ رورل سپورٽ اآرگنائيزيشن (سرسو)پاران رٿيل ”سرتيون سنگ ڪرافٽس ايگزيبيشن“ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته اهو پيپلز پارٽي ريڊڪشن پروگرام آهي جيڪو سنڌ رورل سپورٽ اآرگنائيزيشن (سرسو)تحت 2006 کان جاري آهي. هن چيو ته ان پروگرام جي ڪاميابي کي ڏسندي اسان کي يورپين اڪنامڪ ڪميٽي پڻ فنڊنگ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان جو دائرو صوبي جي سمورن ضلعن تائين وڌايو آهي ۽ سنڌ صوبي جي هر ضلعي ۾ اهو پروگرام هلي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄڪو هي ايونٽ گذريل پنجن سالن کان هر سال منعقد ٿي رهيو آهي. اسانجي ٻهراڙي وارن علائقن جون هنرمند عورتون جن کي مارڪيٽنگ جي سهولت موجود نه آهي سندن لاءِ اهو ايونٽ تمام موثر ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان سلسلي ۾ اڄ اسان اوشين مال ۾ بهترين ماحول سان شروعات ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهو منشور به آهي ته ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو هتي اچڻ ماڻهن خاص طور تي عورتن جي همت واڌائڻ آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ٻيا صوبا به اسانجي نقش قدم تي هلي رهيا آهن. نيب ۾ طلبي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته مون کي ان سلسلي ۾ اڄ لاءِ ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي مليو جنهن جي وزيراعليٰ هائوس مان وقت تي ترديد پڻ جاري ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي اختيار حاصل آهن. هن چيو ته 2016ع کان مان وڏ وزارت سنڀالي آهي ۽ تڏهن کان مون ڪابه زمين الاٽ ناهي ڪئي ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جا پابند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي آءِ ٽي تي تبصرو ڪرڻ تي چيف جسٽس پاڪستان خاص طور تي منع ڪيو آهي، مون وٽ مستند جواب موجود آهن پر مان سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندو آهيان تنهن ڪري ڪابه راءِ نه ڏيندس. هن چيو ته جڏهن عمران خان وزيراعظم جي حلف کڻڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو هو ته ان دوران هن هڪ ترقياتي رٿائن بابت هڪ اجلاس به گهرايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته بسون اسان آڻينداسين اجازات ڏيو، اسان ته انهيءَ وقت راضپو ڏيکاريو ۽ ان اجلاس جا منٽس پڙهو ان ۾ صاف صاف لکيل آهي پر هاڻ ٽن مهينن بعد گورنر چوي پيو ته ڪراچيءَ جي ماسٽر پلان جي خبر ئي نه آهي. گورنر چاهي ته اهي منٽس پڙهي شايد هن پڙهيا ئي نه آهي. باقي سهڪار جي ڳالهه آهي ته مون وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ کي صاف صاف چيو آهي ته اسان جو آئين صوبي ۽ وفاق جي حدن کي مقرر ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق يا صوبا هڪ ٻئي جي حدن ۾ مداخلت نه ڪن سٺي ريت ڪم ڪري سگهجي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين مطابق گورنر جي مقرري وزيراعظم جي صلاح سان صدر ڪندو آهي ۽ گورنر مقرر ٿيڻ بعد هُو آئين جي آرٽيڪل 105 جو پابند آهي، آئين جي روح سان هُو ان ڳالهه جو پابند به آهي ته صوبائي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح تي عمل ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هُو اهو سمجهي ته گڏ ڪم ڪيو ويندو نه سمجهندو ته گڏ ڪيئن هلنداسين. وڏي وزير چيو ته مونکي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جو اعتماد حاصل آهي ۽ فنڊز جو معاملو تمام ڳنڀير آهي ۽ ميڊيا به شايد اصل شين تي ڌيان نه پئي ڏئي. اوهان ڇهن مهينن ۾ ايف بي آر جي ڪليڪشن ڏسو سندن گروٿ ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسان کي رقم اتان ئي ملندي آهي، جيڪڏهن اهي ايئن ڪم ڪندا ته صوبن کي رقم ڪٿان ڏيندا. دراصل اهي پنهنجي ڪمن کان پري ٿي ويا آهن، انهن کي سکيا جي ضرورت آهي. هن چيو ته اوهان اسانجي حڪومت ۽ ايس آر بي جي ڪليڪشن ڏسو جنهن ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن چيو ته مون کي گورنر جي عهدي جو احترام آهي. هن چيو ته مان بطور وڏو وزير گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مان پنهنجي حلف جو پابند آهيان. گورنر آئين جي پاسداريءَ جو حلف ورتو آهي جنهن مطابق هن کي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح سان ڪم ڪرڻ گهرجي. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پاران اوشئن مال ڪلفٽن ڪراچي ۾ رٿيل ٽن ڏينهن واري ”سرتيون سنگ ڪرافٽس فيسٽيول“ افتتاح ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان ٻهراڙين ۾ غربت جي خاتمي ۽ ثقافتي هنرمند همت افزائيءَ لاءِ سرسو کي 2006ع ۾ قائم ڪيو ويو. ھن چيو ته هٿ جي هنر کي هٿي ڏيارڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي. سنڌ هزارين سال قديم ۽ تهذيب يافته خطو هجڻ سبب هتان جي ثقافت پنهنجو مٽ پاڻ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن سان سلهاڙيل ٻهراڙين جي عورتن کي منظم ڪرڻ ۽ انهن جي هٿ جي بيمثال هنرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ فروغ جي سلسلي ۾ سرسو پاران کنيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اهڙن ميلن جي منعقد ڪرڻ سان اسان پنهنجي معاشري ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهون ٿا ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن کي بهتر موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا ته جيئن انهن هنرمند عورتن کي پنهنجي محنت جو مناسب معاوضو ملي سگهي. مراد شاهه چيو ته سرسو سنڌ حڪومت سان گڏجي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ هنرمند عورتن جي لڪيل صلاحيتن کي جهڙي ريت اُڀاريو آهي ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. سرسو جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر محمد ڏتل ڪلهوڙي جو چوڻ هيو ته سرسو پاران ڪيل ڪوششون سڀني جي سامهون آهن جنهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اختيار ادارن ۽ حڪومت جي ساٿ جي اڃا به ضرورت آهي. هن چيو ته مان پڪ سان چئي سگهان ٿوته اهو ڏينهن به پري ناهي جو اسان جا ڳوٺاڻا ترقي يافته ڳوٺن جي صف ۾ شامل ٿي ويندا. هن چيو ته هي اسانجو ڇھون ساليانو ميلو آهي، جنهن کي نه صرف ساراهيو ويو آهي بلڪه ايئن ڪرڻ سان باصلاحيت عورتن جي سماجي حالت ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي ۽ سندن همت وڌي آهي. ميلي ۾ ايندڙ شهرين کانسواءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي مهمانن هٿ سان ٺاهيل گهريلو شين. جهڙوڪ؛ اجرڪ، ڪُڙتا، پوشاڪون، کُسا، بلوچي گج، سنڌي ٽوپيون، بيڊ شيٽون، روا، رليون، فرنيچر، ڊيڪوريشن پيسز، خالص چمڙي سان تيار ٿيل هينڊ بيگ ۽ ٻين ثقافتي شين ۾ گهري دلچسپي ورتي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت 6 مهينن ۾ آنن ۽ ڪڪڙين کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟