انقره(م ڊ) پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي سميت فوجي، واپاري ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ ترڪي جي سربراهن حڪومت جي وچ ۾ انقره ۾ ٿيل ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون. وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ٻئي پاسي پاسي انقره ۾ ترڪ صدر وزير اعظم عمران خان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان ۽ سندس وفد جو انقره ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ترڪ فائونڊيشن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي به آجيان ڪيون ٿا. ترڪ صدر جو چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان ۾ تبديلي جي لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ تبديلي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، هو ڪرڪيٽر هو ته مان فٽبالر هئس، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ايندڙ 5 سالن ۾ 50 لک گهر تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي، ان ڪري هائوسنگ شعبي ۾ ترڪ ڪمپنين جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ مديني جهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا. عمران خان چيو ته افغانستان، پاڪستان ۽ ترڪي جي سربراهن جو اجلاس استنبول ۾ ٿيندو، اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، خطي ۾ امن جي لاءِ افغانستان ۾ امن ضروري آهي. وزير اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت سان به ڳالهين جا خواهشمند آهيون، ڪشمير مسئلو پاڪ-ڀارت وچ ۾ بنيادي تڪرار آهي، خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون. ان کان سواءِ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ انقره ۾ وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪئي جڏهن ته ترڪ وفد جي قيادت پرڏيهي وزير ميولوت چاوش اولو ڪئي. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان سواءِ ملڪن جي وفدن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي سميت ٻين اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ ترڪي افغان مسئلي جي جلد پراُمن حل جي لاءِ گڏيل ڪاوشون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ترڪ پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ قيام امن جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار مرڪزي اهميت تي ٻڌل آهي. جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون، دهشتگردي جي خاتمي، افغانستان ۾ امن جي قيام، واپار، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي اتفاق ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟