اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ 18هين ترميم ۾ صوبائي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سينيٽر رضا رباني جي ان معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت ارڙهين ترميم جو جائزو نه وٺي رهي آهي پر عدالت سامهون معاملو ارڙهين ترميم تحت ڪجهه اسپتالون ختم ڪرڻ جو آهي. سينيٽر رضا رباني عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته عدالت گذريل ڏينهن مختلف سوال اٿاريا، مناسب هوندو ته معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي. عدالت سينيٽر رضا رباني جي معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ رضا رباني چيو ته عدالت جي آبزرويشن جو احترام ڪريان ٿو، ڪيس ۾ پنهنجا دليل جاري رکندس، ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪليئرٽي لاءِ 19 هين ترميم آندي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن صوبا صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪوشش نه ڪن ته ڇا وفاقي سرڪار مدد لاءِ نه اچي، ڇا صوبي کي صحت جي شعبي جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ ڇا وفاقي حڪومت ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي؟ سينيٽر رضا رباني چيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تشريح غلط هجي، آئين جي منشا آهي ته صحت جو شعبو صوبا ڏسندا، جيڪڏهن اسپتال صوبن کي نه ملندي ته آئين جو آرٽيڪل اهميت وڃائي ويهندو. چيف جسٽس چيو ته 18 هين ترميم کي عدالت آئيني ۽ درست قرار ڏنو آهي، هي ڪو ليگل سياسي اشو ناهي، اسان وٽ ننڍي وڏي صوبي جو سوال ئي ناهي، ننڍن وڏن صوبن جو فرق پيدا نه ڪرڻ گهرجي، عدالت سامهون سوال قانوني آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي رڳو قانوني نقطي جي تشريح ڪرڻي آهي، رضا رباني صاحب توهان جي ڊگهي سياسي جدوجهد آهي، سياسي جدوجهد ڪندڙ شخصيتن کي ننڍي وڏي صوبي جو فرق نه ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس رضا رباني سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته غريبن کي صوبائي حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو وڃي، توهان موجب وفاقي حڪومت اسپتال ٺاهي صوبي حوالي ڪري ڇڏي ۽ توهان چاهيو ٿا ته وفاق رڳو گرانٽ ڏي باقي ڪردار صوبن جو هجي. ان تي سينيٽر رضا رباني چيو ته 1935ع جي آئين ۾ به صحت وارو شعبو صوبن وٽ هو، چيف جسٽس چيو ته هي قانون متحده هند ۾ انگريزن ٺاهيو، پاڪستان جدوجهد کانپوءِ حاصل ٿيو، اسان کي پنهنجي تاريخ پنهنجي آئين کان شروع ڪرڻ گهرجي. سينيٽر رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي ۾ ڪم ڪرڻ سان صوبن ۽ وفاق ۾ تڪرار پيدا ٿيندو، ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي ريگوليشن کي فالو ڪندي ته صوبائي تڪرار پيدا نه ٿيندو. سينيٽر رضا رباني چيو ته رياست ۾ وفاقي، صوبائي ۽ لوڪل گورنمينٽ حڪومتون شامل آهن، وفاقي حڪومت صوبي ۾ اسپتال ٺاهي سگهي ٿي پر هلائي نه ٿي سگهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت صوبي ۾ اسپتال ٺاهي هلائيندي ته آرٽيڪل 137 پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 137 پنهنجي اهميت ڪيئن وڃائي ويهندو، رضا رباني صاحب ايڏو وڏو بيان نه ڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟