آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي، ٽرمپ پاڪستان جي نئين قيادت سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0Shares

واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ+بيورو) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو پاڪستان جي نئين قيادت سان ملاقات ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن تهپاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا جڏهن ته اهي دهشتگردن کي پناهه ڏين ٿا ۽ دشمنن جي مالڪي ڪن ٿا اهو ڪم اسان نٿا ڪري سگهون تنهنڪري مان پاڪستان جي نئين حڪمران سان ملاقات ڪرڻ جو خواهشمند اهيان ۽ اسان ايئن مستقبل قريب ۾ ڪنداسين مان 1.3 ارب ڊالر ادا ڪرڻ بند ڪيا آهن هي پاڻي وانگر آهي اسان ايئن ڪنداسين پرڏيهي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب سندس هي ريمارڪس ڪانگريس جي قانونساز سان آمريڪي حڪومت جي خرچن جي معاملي تي اختلافن تي بيان ڏيندي آڏو آيا آمريڪي صدر ڪابينه اجلاس ۾ ميڪسيڪو سرحد سان ڀت قائم ڪرڻ لاءِ پنج ارب ڊالر جي پنهنجي مطالبي جو دفاع ڪندي چيو ته اسان پاڻ بدران ٻين ملڪن کي پئسا ڇو ٿا ڏيون هن جو چوڻ هو ته هي ناجائز آهي ته اسان گواتيمالا، هونڊراس ۽ السلواڊورو کي پئسا ڏيون ٿا ۽ اهي اسان جي لاءِ ڪجهه نٿا ڪن ٽرمپ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي پاڪستان کي ملندڙ فنڊ کي روڪڻ جو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن اسان پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ڏينداهئاسين ته مان ئي ان کي روڪيو هو ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر نه آهي ڇو ته هو اسان سان سچو نه آهي سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا جڏهن ته هو دهشتگردن کي پناهه ڏي ٿو ۽ دشمنن جي رکوالي ڪري ٿو اهو ڪم اسان نٿا ڪري سگهون ان لاءِ مان پاڪستان جي نون حڪمرانن سان ملاقات ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. ٻئي طرف پاڪستان آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ٽرمپ جو بيان سندس هڪ سال اڳ ڪيل ٽوئيٽ کان مختلف آهي، ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ واري خواهش جي اظهار تي ردعمل ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا پاڪستان جي اهميت کي سمجهي اڳيان وڌي ته معاملا وڌيڪ بهتري طرف ويندا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان جو امن افغانستان سان ٻڌل آهي ۽ افغانستان ۾ استحڪام کي نظر ۾ رکندي آمريڪا جو ڪردار اهم ترين آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري خطي جي استحڪام لاءِ اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي افغان ويڙهه جي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن آمريڪا اها ڳالهه سامهون رکي اڳيان وڌيو ته معاملا وڌيڪ بهتري طرف ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں