نيب شاهد خاقان عباسي، ڄام خان شورو، زاهد ڀرڳڙي، سهيل انور سيال ۽ ملڪ قيوم خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف جاچ جيا منظوري ڏئي ڇڏي. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران 20 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي خلاف جاچ جي منظوري پيٽورليم جي اڳوڻي وفاقي وزير جي طور تي ڏني وئي. نيب اڳوڻي پيٽروليم سيڪريٽري ارشد مرزا، اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق، ڊپٽي ايم ڊي پي ايس او يعقوب ستار ۽ بينڪ آف پنجاب جي سي اي او نعيم الدين خان خلاف به انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني. پڌرائي موجب جن ماڻهن جي خلاف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي انهن ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ميان امتياز، ميان ابراهيم، ميان اعجاز عامر، چوڌري محمد منير، ڄام خان شورو، زاهد علي ڀرڳڙي، سهيل انور سيال، عبدالجبار خان، امان الله سيال ۽ علي عثمان جا نالا شامل آهن. نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ طرفان اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ محمد قيوم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اڳوڻي سيڪريٽري فاروق اعواڻ خلاف به انڪوائري جي منظري ڏني وئي آهي. نيب پڌرائي موجب نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. منشا گروپ، فريد الله، آبپاشي کاتي سنڌ جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن تي آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. ڊي بلوچ ڪمپني، ياسين ملڪ، شاهد ملڪ، لياقت ڀٽي، قمر رضا بلوچ، رمضان اعواڻ ۽ ٻين ڪامورن خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته نيب ڪرپشن فري پاڪستان واري عزم تي عمل پيرا آهي، ميگا ڪرپشن وارن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو، اشتهاري ۽ فراري جوابدارن جي گرفتاري پهرين ترجيح آهي، جڌهن ته قوم جو لٽيل ناڻو واپس ڪرائڻ، متاثرن کي رقم ڏيارڻ لاءِ اڃا وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں