سنڌ ۾ گرميءَ جون موڪلون مئي ۽ جون ۾ ڪرڻ جو فيصلو، آزادي واري ڏهاڙي سميت ٻيون موڪلون ختم

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته يومِ آزادي سميت ٻين موڪلن کي به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ گرمين جون موڪلون مئي ۽ جون ۾ ڪرڻ ۽ ڪاليجن ۾ نئون تعليمي سال جولاءِ بدران آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم واري صوبائي وزير جي ترجمان مطابق سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪشمير ڏهاڙو،  پاڪستان ڏهاڙو، آزادي ڏهاڙو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ، عيد ميلاد النبي صه ۽ 11 سيپٽمبر جون موڪلون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪشمير ڏهاڙو، پاڪستان ڏهاڙو ۽ آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ترجمان مطابق ڪشمير ڏهاڙي، پاڪستان ڏهاڙي ۽ آزادي واري ڏهاڙي سميت ٻين ڏهاڙن ۾ تدريسي عمل معطل رهندو، جڏهن ته شاگردن کي غير تدريسي سرگرمين ذريعي انهن ڏينهن جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني ويندي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن جا وقت به تبديل ڪيا ويا آهن، جنهن تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن جو وقت صبح ساڍي 8 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته استاد اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ 3 وڳين تائين موجود هجڻ جا پابند هوندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں