پاڪ فوج ۾ احتساب سخت آهي، منهنجو احتساب به فوج جي قانون تحت ٿيندو: آصف غفور

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت هميشه جنگين جي ڳالهه ڪئي پاڪستان هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي جنگ جي ڌمڪين سان مسئلا حل نٿا ٿي سگهن فوج ۾ احتساب جو سخت قانونآهي هن اهڙو اظهار خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آئون پبلڪ هولڊر آفيس ناهيان منهنجو احتساب فوج جي قانون موجب ٿيندو جڏهن مان پبلڪ هولڊر آفيس ٿيندس ته منهنجو ٻين ادارن وانگر احتساب ٿيندو هن چيو ته ردالفساد وسيلي پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ڏسي رهيا آهيون فاٽا ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي بهادري تي سلام پيش ڪريان ٿو آپريشن متاثر سخت تڪليف ۾ آهن هاڻي انهن جي بحالي جو وقت آهي سرجيڪل اسٽرائيڪ رڳو ڳالهين سان ناهي ٿيندو افغانستان ۾ امن پاڪستان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن جي به خواهش نٿي ٿي سگهي ڀارت سان 70 سالن جي تاريخ آهي ڀارت ۾ اڪثر چونڊون پاڪستان مخالف ايجنڊا تي وڙهيون وڃن ٿيون ڀارت کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته امن ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا ڀارتي وزيراعظم کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صرف ڳالهين سان سرجيڪل اسٽرائيڪ ناهي ٿيندو پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد ۽ ان جو ڪردار مثبت آهي جيڪو ڪم پاڪ فوج ڪيو آهي اهو دنيا جي ڪنهن به فوج ناهي ڪيو نيو يئير نائيٽ تي قوم جي خوشي ۽ زبردست جوش نظر آيو رياست عوام ۽ فوج گڏجي دهشتگردي خلاف  جنگ وڙهي اسان کي فوج کي نه پر پاڪستان کي مثبت ڏيکارڻو آهي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ کي ڪامياب بڻايو، آءِ ڊي پيز جي زخمن تي مرهم رکي انهن کي روزگار ڏيڻو آهي هاڻي نئين جنگ پاڪستان جي ترقي جي جنگ آهي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت ئي امن جي ضمانت هوندي، افغانستان مان آمريڪا هليو وڃي ته به ترقياتي ڪم جاري رهڻ گهرجن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي ڪم ٿينديا ته استحڪام ايندو گهڻيون قوتون پاڪستان ۾ عدم استحڪام جون ڪوششون ڪنديون آهن ويلفيئر پروجيڪٽ  ۾ سرڪاري زمين جو هڪ انچ به استعمال نه ٿيندو آهي شهداءِ پيڪيج جو هڪ رپيو به فوج جي استعمال لاءِ خرچ ناهي ٿيندو پاڪ فوج جي ويلفيئر آرگنائيزيشن ٽيڪس نيٽ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ملڪ کي   دائمي امن ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو افغانستان ۾ امن هوندو ته پاڪستان ۾ به امن هوندو هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي رحم جي اپيل آرمي چيف وٽ موجود آهي ڀارت هميشه ڳالهين کان ڀڳو آهي ڀارت جنگ جي ڳالهه ڪئي ته پاڪ فوج ڀرپور منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي 2018ع تبديلي جو سال آهي، ڇو ته چونڊون سان تبديلي ايندي آهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو  ته اڳتي وڌندو اليڪشن هڪ قومي سرگرمي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں