فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري سمري منظور، ڪيسن جي فيصلن بابت ويب سائيٽ ٺاهڻ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قانون واري وزارت فوجي عدالتن ۾ واڌ واري سمري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته احتساب وارن ادارن کي اختيارن کان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس رياض فتيانا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر ۽ نفيسا شاهه شرڪت ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته احتساب جي قانون ۾ ترميم بابت 4 اجلاس ٿي چڪا آهن، احتساب جي کاتن کي اختيارن کان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻنداسين. ن ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله پڇيو ته هن قانون ۾ ترميم وارو مسودو تيار ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ ان تي قانون واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته هڪ کان ٻه مهينا لڳي ويندا. راڻا ثناءُ الله چيو ته توهان ڏيڍ مهينو وٺي ڇڏيو پر 3 مهينا لڳڻ نه گهرجن. راڻا ثناءُ الله سوال ڪيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت ڪهڙو فيصلو آهي؟ عملدارن ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي واڌ گهرو وزارت جو معاملو آهي ۽ قانون واري وزارت ۾ ان حوالي سان ڪا تجويز ناهي آئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو ته مون کي فوجي عدالتن بابت گهرو وزارت جي سمري بابت ڄاڻ نه هئي. قانون جي صلاحڪار حاڪم خان ٻڌايو ته فوجي عدالتن جو مدو ختم ٿيڻ ۾ گهٽ وقت بچيو آهي، فوجي عدالتن ۾ واڌ جي حوالي سان گهرو وزارت پاران هڪ سمري آئي هئي. گهرو وزارت چيو ته فوجي عدالتن ۾ واڌ بابت سمري وفاقي ڪابينا کي اماڻڻ چاهيون ٿا، اسان فوجي عدالتن بابت گهرو وزارت جي سمري جي منظوري ڏئي اماڻي ڇڏي آهي، پر سمري ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت فوجي عدالتن ۾ ڪيتري وقت جي واڌ چاهي ٿي. اسٽيڊنگ ڪميٽي خاص عدالتن بابت سمورا تفصيل طلب ڪندي قانون واري وزارت کي اهم ڪيسن جي عدالتي فيصلن بابت ويب سائيٽ ٺاهڻ جو حڪم به ڏنو ۽ فيڊرل ٽربيونل ۾ التوا هيٺ ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں