فواد خان سان گڏ بهترين نظر ايندي آهيان: سونم ڪپور

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪار فواد خان فلم ”خوبصورت“ ذريعي بالي ووڊ ڊيبيو ڪيو هو ۽ سونم ڪپور سندس پهرين ساٿي اداڪارا هئي. فواد خان کي خوبصورت کانپوءِ به گهڻين فلمن ۾ سونم ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جون آڇون ٿيون پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ان باوجود سونم ڪپور جو مڃڻ آهي ته هوءَ اسڪرين تي فواد خان سان گڏ بهترين نظر ايندي آهي. سونم ڪپور پنهنجي ڀاءُ هرش ورڌن ۽ ڀيڻ ريها سان گڏ ڪرن جوهر جي شو ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران ميزبان طرفان پڇيل سوال ته هوءَ ڪنهن اداڪار سان گڏ اسڪرين تي سڀ کان بهترين نظر آئي؟ تي سونم پاڻ جواب ڏيڻ بدران ڀيڻ کي جواب ڏيڻ جو چيو، اتي ئي هرش ورڌن فواد خان جو نالو ورتو، جنهن تي سونم ڪپور چيو ته اها حقيقت آهي پر ڪرن جوهر فواد خان کي واپس موڪلي ڇڏيو. ان جواب تي ڪرن جوهر ڇرڪجي ويو، جنهن کانپوءِ هن سونم ڪپور کان ڪنهن ٻئي اداڪار جو نالو پڇيو، جنهن تي هن سلمان خان جو نالو ورتو. واضح رهي ته فواد خان ڪرن جوهر جي فلمن ”ڪپور اينڊ سنز ۽ اي دل هي مشڪل“ ۾ پڻ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں