ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ بيٽنگ لائين ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي: سرفراز احمد

0Shares

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد واضح ڪيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ بيٽنگ لائين ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي. ڪيپ ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ٽن فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهنداسين، جڏهن ته پچ کي ڏسندي هڪ اسپنر کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي بيٽنگ لائن اپ ۾ ڪابه تبديلي ناهي ٿي، پليئنگ اليون ۾ 6 بيٽسمين برقرار رهندا. هن چيو ته بيٽسمينن جي رنسون ڪرڻ سان ئي بهتر پوزيشن ۾ اينداسين، ٻي ٽيسٽ ۾ بيٽنگ لائن سٺو کيڏندي ۽ سيريز ۾ واپسي ڪنداسين. سرفراز احمد چيو ته اسڪور سٺو هجي ته اسان جا بالر مخالف ٽيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. قومي ٽيم جو ڪپتان چيو ته مڊل آرڊر بيٽسمين حارث سهيل ان فٽ ٿيڻ سبب ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي چڪو آهي جڏهن ته محمد عباس ٻي ٽيسٽ لاءِ فٽ آهي. سرفراز احمد چيو ته پچ ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ مختلف نظر اچي رهي آهي، ياسر شاهه ڪيپ ٽائون جي پچ تي وڪيٽون وٺي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته محمد عباس ۽ ورنن فلينڊر جي ڀيٽ ناهي، عباس هاڻي ڪيريئر جي شروعات ڪئي آهي، اميد آهي فلينڊر جيان محمد عباس به نيولينڊز ۾ بولنگ انجواءِ ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں