نئين سال ۾ دهشتگردي جو پهريون واقعو! لورائي ۾ ايف سي ٽريننگ سينٽر تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد

0Shares

راولپنڊي / ڪوئيٽا (م ڊ)  لورائي ۾ ايف سي ٽريننگ سينٽر تي آپگهاتي  حملو ، 4 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي  آر موجب بلوچستان  جي لورالائي  واري علائقي ۾ دهشتگردن ايف سي ٽريننگ  سينٽر تي حملي جي ڪوشش ڪئي ته سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن  کين مک گيٽ تي ئي روڪي ورتو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز پاران روڪڻ تي دهشتگردن فائرنگ  ڪري ڏني، هڪ بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن ۾ هڪ خودڪش بمبار به شامل آهي. آءِ ايس پي آر موجب بهادر جوانن دهشتگردن کي رهائشي علائقي جي طرف داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ کين پنهنجي انجام تي رسايو. دهشتگردن سان اهڙي جهڙپ ۾ چار سيڪيورٽي اهلڪار  پڻ شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. شهيدن ٿيندڙ ۾ صوبيدار ميجر منور، حوالدار  اقبال، حوالدار  بلاول ۽ سپاهي نقشب شامل آهن.  ٻئي طرف اهڙي واقعي تي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو، هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال پاران پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں