پي ٽي آءِ وارن جي ڪهڙي حيثيت آهي، وفاق ۾ پنهنجو گهر سنڀالين، ڪتي جو پڇ ڪڏهن به سڌو ناهي ٿيڻو: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪهڙي اڪثريت آهي جو هو خواب ڏسي رهيا آهن؟، مون سمجهيو هو ته تحريڪ انصاف وارا سڌري ويا آهن، پر ڪتي جو پُڇ ڪڏهن به سڌو ناهي ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري حاضري رڪارڊ چيڪ ڪيو، جنهن دوران هن غير حاضر عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته دوري ۽ حاضري رڪارڊ ڏسڻ جو مقصد نئين سال ۾ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته  وفاقي سرڪار ملڪ جي معيشت بهتر ڪرڻ بدران ٻين ڪمن ۾ رڌل آهي، نئين حڪومت آهي، ان ڪري کين خبر ئي ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار نالا اي سي مان ڪڍڻ بابت ڇا ڪندي، مونکي ان بابت ڪابه ڄاڻ ناهي، نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ سان مون تي ڪو به فرق نٿو پوي. وڏي وزير چيو ته تحريڪ انصاف وارن کي خبر ناهي ته اسيمبلين ۾ وٽن ڪيتري اڪثريت آهي، هنن جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪهڙي اڪثريت آهي جو خواب ڏسي رهيا آهن؟: وڏي وزير چيو ته وفاق پاران نالا اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪرڻ بابت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وضاحت ڪري چڪو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي روينيو ۽ وصوليءَ جا هدف حاصل ڪرڻ بدران پاڻ کي غيرآئيني مهم ۾ رڌل آهي جنهن سان ملڪي معيشت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جون وصوليون تمام گهڻيون خراب آهن ۽ اهي صوبائي حڪومت کي ورڇ جوڳي پول مان حصي کان 28 سيڪڙو گهٽ منتقل ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت کي وصولين ۾ 28 سيڪڙو شارٽ فعال آهي، ان ڪري انهن ڪجهه مهينن دوران سنڌ حڪومت کي 28 سيڪڙو گهٽ فنڊ ڏنا آهن، کين گهرجي ته پنهنجو ڌيان وصولين کي بهتر بڻائڻ ۾ ڏنو وڃي، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي بيان جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اوهان (وفاقي حڪومت) مرڪز ۾ هڪ اقليتي حڪومت آهيو، تنهنڪري اوهان کي گهرجي ته پاڻ کي بچايو. هن اها ڳالهه پي ٽي آءِ حڪومت کي صلاح ڏيندي ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ وفاقي حڪومت جوڙڻ لاءِ 172 سيٽون گهربل هونديون آهن. هن سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيتري اڪثريت آهي ۽ هن پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ اسيمبليءَ جي 168 واري ايوان ۾ 99 سيٽن سان ڀيٽ ڪندي پي ٽي آءِ حڪومت کي صلاح ڏني ته اهي پهرين سندن پوزيشن کي ڏسن، پوءِ ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا وڃن. وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن سمجهيو ٿي ته هي همراهه سڌري ويندا، پر ڪتي جي پڇ واري ڳالهه آهي، جيڪو ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻهراڙي وارن علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ بابت اجلاس اجلاس، دوران تواانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جو چوڻ هو ته سال  2012 ۾ وليج اليڪٽريفڪيشن جي لاءِ 5 بلين جاري ڪيا ويا، جيڪي حيسڪو ۽ سيپڪوسميت ڪي اليڪٽرڪ حوالي ڪيا ويا هئا. وڏي وزير چيو ته آئون هلندڙ سال ڪراچي جي ڳوٺن ۾ به بجلي ڏيڻ چاهيان ٿو، توانائي وارو صوبائي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي ٻهراڙي وارن علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ پابند ڪري. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي جاري منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وڃي ته جئين ڳوٺن کي فوري طور بجلي فراهم ٿي سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں