وزيراعظم سان گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ علي گوهر مهر جون ملاقاتون، سنڌ جي صورتحال تي مشاورت

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي خيالن تي ڏي وٺ ڪئي. عمران اسماعيل وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي وڏو مينڊيٽ ڏنو، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. عمران خان ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن جي فراهمي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اهو شهر حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي سنڌ جي سياسي صورتحال بابت آگاھ ڪيو. جڏهن ته جي ڊي اي جي ايم پي اي علي گوهر مهر پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سنڌ ۾ ان هائوس تبديلي تي مشاورت ڪئي وئي، ان حوالي سان وزيراعظم وڪيل  بابر اعواڻ کي به گهرائي ورتو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں