اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ۽ اڪائونٽس ڪيس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کان 14 جنوري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ اڪائونٽن ۽ ملڪيتن واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي ايف بي آر جي اختيارين طرفان سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي ڀيڻ عليما خان 4 ڏهائي 29 ملين رپيا جمع نه ڪرايا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان عليما خان کي ڪيترو وقت ڏنو هو؟ ان تي ايف بي آر جي ٽيڪس ميمبر ٻڌايو ته عليما خان 13 جنوري تائين پئسا جمع ڪرائي سگهي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف آءِ اي کي هر مهيني رپورٽ فائل ڪرڻي هئي، 21 ماڊل ڪيسن تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ايف بي آر جي اختيارين ٻڌايو ته سمورن ڪيسن تي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، 13 ڊسمبر کانپوءِ 167 ملين ادا ڪيا ويا، جڏهن ته 140 ملين مختلف ماڻهن کي ادا ڪرڻا آهن. چيف جسٽس تاثر ڏنو ته دبئي جي ملڪيتن تي 3 هزار ارب رپيا ملي سگهن ٿا. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته دبئي ملڪيتن تي سڄي ملڪ ۾ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن ۽ 775 ماڻهن دبئي جي ملڪيتن بابت بيان حلفي ڏئي ڇڏيا آهن. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته 60 ڪيس اهڙا آهن جن ۾ ملڪيتون وڌيڪ آهن، اهڙن ڪيسن ۾ وڌيڪ روينيو ملڻ جو امڪان آهي ۽ کين اوليتي بنيادن تي ڏسنداسين. هن چيو ته 13 جنوري تي عدالت کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ويندي. ان تي چيف جسٽس چيو ته هي ڪم جيترو جلدي ٿيندو ملڪ مضبوط ٿيندو. جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف بي آر جنهن اسپيڊ سان ڪم ڪري رهي آهي، هي ڪم ڪيستائين مڪمل ٿيندو؟ ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته انشاءَ الله متحرڪ انداز سان ڪيسن کي هلايو ويندو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايف بي آر تي ذميواري وجهي رهيا آهيون، خدا جو واسطو آهي ته ملڪ جو پئسو ناڻي ۾ آڻڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟