نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيا ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا خلاف اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث پاران هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته احتساب عدالت جي 24 دسمبر واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اپيل ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو قانون خلاف آهي. نواز شريف جي اپيل سان گڏ سزا معطلي جي به درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته احتساب عدالت جو فيصلو قانون جي خلاف آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مونجهارا موجود آهن، احتساب عدالت 24 ڊسمبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي نواز شريف کي آزاد ڪري.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں