پاڪستاني ۽ ڀارتي ثقافت ۾ ڪوبه فرق ناهي: سارا علي خان

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ سارا علي خان جو چوڻ آهي ته کيس پاڪستاني ۽ ڀارتي ثقافت ۾ ڪوبه فرق محسوس نٿو ٿئي.  هڪ انٽرويو دوران جڏهن سارا علي خان کان پاڪستاني مداحن بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته مان اتان بابت وڌيڪ نٿي ڄاڻان پر منهنجي ڪٽنب جا کوڙ ماڻهو پاڪستان ۾ رهن ٿا، ان جي ثقافت، فيشن، ان جو اُچار، انهن جي کاڌن  جو ذائقو ۽ جنهن نموني هو رهن ٿا،  اهو اسان جهڙو آهي، اسان جي تهذيب هڪ جهڙي آهي، ان ڪري اسان وچ ۾ ڪو فرق محسوس نٿو ٿئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں