نئين سال جي موقعي تي اداڪاران ۽ اداڪارئن جا هڪ ٻئي کي ٽوئيٽ پيغام

0Shares

 حيدرآباد(شوبز نيوز)  نئين سال 2019ع کي سڀني پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ خوشيون ملهايون. اهڙي صورتحال ۾ مشهور شخصيتون ڪيئن پوئتي رهن ها، پاڪستان شوبز ستارن ۽ بالي ووڊ جي ناليوارين شخصيتن نئين سال جو جشن ڀرپور انداز ۾ ملهايو ۽ رڳو اهو ئي نه، سوشل ميڊيا ذريعي مداحن کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي سڀني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. سجل علي ۽ احد رضا مير جي آن اسڪرين جوڙي مداحن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي ۽ سڀ کين حقيقي زندگي ۾ پڻ گڏ ڏسڻ جا خواهشمند آهن. نئين سال جي موقعي تي ٻنهي ستارن پنهنجن مداحن کي نئون اشارو ڏيندي ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سجل علي ۽ احد هڪ ئي تصوير انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي ۽ پيغام ڏنو ته نئين سال جو مطلب نيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اسان اوهان لاءِ تيار ڪيون آهن. آخر ۾ مداحن جو ٿورو مڃيندي ٻنهي سڀني کي دل جي گهرائين سان سال 2019ع جون واڌايون پيش ڪيون. اداڪار سائرا پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس شهروز سبزواريءَ طرفان سمورن پرستارن کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون. عائزا خان پنهنجي نياڻي سان گڏ نئين سال کي ڀليڪار چيو ۽ گڏوگڏ خوشين ۽ محبت جو پيغام پڻ ڏنو. ناليواري اداڪار عدنان صديقي 2019ع جي الوداعي سج جي تصوير شيئر ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي نئين سال کي ڀليڪار چيو. مشهور ڊيزائنر حسن شهريار خاندان سان گڏ نئين سال جو جشن ملهايو ۽ سڀني کي نئين سال جون مبارڪون پيش ڪيون. مشهور راڳي عاطف اسلم به پنهنجي چاهيندڙن کي سال 2019ع جون مبارڪون ڏنيون. ادڪارا ارمينا خان مانچسٽر مان نئين سال جون مبارڪون پيش ڪيون. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي جڳ مشهور بيٽسمين ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري اداڪارا انوشڪا شرما ٽوئيٽر تي هڪ شاندار تصوير شيئر ڪندي پيغام ۾ لکيو ته اميد آهي ته اوهان سڀني جي نئين سال جو آغاز نئين اميدن، اتساهه، امن ۽ رحمدلي سان ٿيو هوندو.  گڏ ئي هنن نئين سال جون وڌايون ڏيندي وڌيڪ لکيو ته دعا آهي ته اسان سڀ هڪٻئي سان رحمدلي سان پيش اچون. ويرات ڪوهلي به انوشڪا شرما جي پنهنجي تصوير شيئر ڪري آسٽريليا مان مداحن کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون. رقص جي راڻي ماڌوري ڊڪشت نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي نئين سال جون وڌايون ڏنيون. بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس آمريڪي گلوڪار نڪ جونس سوئيزر لينڊ ۾ نئين سال جي آجيان ڪئي ۽ جبلن وچ ۾ خوشيون ملهايون. اداڪار اجي ديوگن نئون سال پنهنجي ڌيءَ سان ملهائيندي ٽوئيٽر تي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته مون کي ڀروسو آهي ته اوهان سڀني جون نياڻيون به اوهان لاءِ سڀ کان قيمتي آهن، 2019ع مبارڪ! اداڪارا شلپا شيٽي 2018ع کي الوداع چيو ۽ 2019ع کي خوش دليءَ سان ڀليڪار ڪيو. ڪرينا ڪپور ۽ سيف علي خان به نئين سال جو جشن سوئيزر لينڊ ۾ ملهايو ۽ انسٽاگرام تي ننڍي نواب سيف علي خان پنهنجي شهزادي پٽ نواب تيمور علي خان پٽودي سان گڏ تصوير شيئر ڪندي سڀني کي نئين سال جون واڌيون پيش ڪيون. ماضي جي مشهور اداڪارا ڪرشما ڪپور دبئي ۾ نئين سال 2019ع جو جشن ملهايو ۽ نئين سال جون مبارڪون ڏنيون. سارا علي خان 2018ع جو شڪريو ادا ڪيو ۽ 2019ع جي خوش دلي سان آجيان ڪندي نئين سال جو جشن ملهايو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں