ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن جو اعلان

0Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع جي لاءِ سڌو سنئون ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي رينڪنگ ۾ شامل شروعاتي 8 ٽيمون 2020ع ۾ آسٽريليا ۾ کيڏيو ويندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڌ سنئون ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن جڏهن ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن کي ڪواليفائي ميچون کيڏڻيون پونديون. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع جي لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن جي تصديق 31 ڊسمبر 2018ع تائين رينڪنگ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. سپر 12 مرحلي ۾ سڌ سنئون ڪواليفائي ڪندڙ ٽيمن ۾ پاڪستان سڀني کان مٿي آهي جنهن کانپوءِ ڀارت، انگلينڊ، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن. اڳوڻي چيمپيئن ۽ ٽي ڀيرا فائنل کيڏندڙ سريلنڪن ٽيم سڌ سنئون ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون رينڪنگ ۾ ترتيبوار نائين ۽ ڏهين پوزيشن تي آهن ان لاءِ انهن کي ٻِن ٽيمن سان گڏ 2020ع ۾ ئي ڪواليفائي ميچون کيڏڻيون پونديون. ٻين ٽيمن ۾ اسڪاٽلينڊ، زمبابوي، يو اي اي، نيدرلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ اومان شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں