بي بي ايل: سڊني سڪسرز هٿان برسبين هيٽ ۽ ميلبورن اسٽارز هٿان ميلبورن رينيگيڊز کي شڪست

0Shares

ميلبورن/ڪرارا(اسپورٽس نيوز) سڊني سڪسرز بگ بيش ليگ جي 15هين ميچ ۾ برسبين هيٽ کي 5 وڪيٽن تا شڪست ڏئي ڇڏي. برسبين هيٽ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنز ٺاهيون، ڪرس لين 84 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته سڊني سڪسرز جوابي بيٽنگ ڪندي 20هين اوور ۾ حدف حاصل ڪري برسبين هيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي، جورڊن سلڪ 46 ۽  موسز هينرڪس 57 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ٻئي طرف ميلبورن اسٽارز بگ بيش ليگ جي 16هين ميچ ۾ ميلبورن رينيگيڊز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميلبورن رينيگيڊز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنز ٺاهيون، ڊينيئل ڪرسٽين 32 ۽ سيم هيرپر 30 رنز ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ميلبورن اسٽارز طرفان ڊي جي براوو 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميلبورن اسٽارز جوابي بيٽنگ ڪندي 17هين اوور ۾ گهربل حدف حاصل ڪري ميلبورن رينيگيڊز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. مارڪس اسٽونز 78 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته بين ڊنڪ 32 ۽ ميڪسويل 33 رنز اسڪور ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں