ٽيسٽ ۾ خراب ڪارڪردگي جا ذميوار بيٽسمين ۽ ڪوچنگ اسٽاف آهي: سرفراز احمد

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٻن سالن دوران ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پرفارمنس خراب رهي آهي. ان جا ذميوار بيٽسمين ۽ ڪوچنگ اسٽاف ٻئي آهن. هن چيو ته پهرين ٽيسٽ وڃائڻ کانپوءِ سرفراز احمد بيٽنگ لائن جي ڪارڪردگي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني ڪپتان جو چوڻ آهي ته ٻئي ڏينهن آخري سيشن ۾ غلط راند جي ڪري ئي مئچ اسان جي هٿن مان نڪري وئي. پهرين ٽيسٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته پاڪستان وٽ بهترين فاسٽ بالر آهن پر ڪنهن به حريف جو ڄمي مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٽنگ لائن پاران سٺي ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ٻي اننگ ۾ چانهه جي وقفي تائين اسان بهتر پوزيشن ۾ هئاسين پر آخري سيشن ۾ تمام گهڻيون وڪيٽون ۽ وڏي اسڪور جو موقعو وڃايو، جيڪڏهن وڌيڪ هڪ ڪلاڪ بيٽنگ ڪريون ها ته پروٽيز کي بهتر هدف ڏئي سگهون ها، آخري سيشن ۾ ناقص راند سبب مئچ اسان جي هٿن مان نڪري وئي، فارم ۾ واپسي لاءِ اسان کي نيٽ ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں