سپريم ڪورٽ سمورن جعلي بئنڪ اڪائونٽن جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

لاهور/اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جو عبوري حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي عبوري حڪم ۾ سمورن جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت اهڙن سمورن بئنڪ اڪائونٽس کي منجمد ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو آهي، جن جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي. عبوري حڪم مطابق عدالت اڪائونٽس جي سموري بئنڪ ٽرانزيڪيشن جي مانيٽرنگ جو حڪم به ڏنو آهي. ان کانسواءِ جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل سمورين عمارتن ۽ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري، سنئون سڌو يا ڪنهن واسطي ذريعي مالي فائدن واري ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري تي به پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ٻئي طرف ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جوابدار عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد پاڻ کي معصوم قرار ڏيندي جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. نجي ٽي وي مطابق مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث جوابدارن عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجو پاڻ کي معصوم قرار ڏيندي جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي وٽ ڪوبه بنياد ناهي ته هو معاملي کي نيب کي اماڻڻ جي سفارش ڪندي، جي آءِ ٽي کي ڪنهن به قسم جي سفارش جي منظوري ڏيڻ بنيادي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي، جي آءِ ٽي جي ايگزيڪيوٽو سمري ۽ حتمي رپورٽ جا 4 واليم ڏنا ويا، ڪهڙن 924 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، نه نالا ڏنا ويا، جڏهن ته جنهن رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو اهو به نه ڏنو ويو. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهڙين حالتن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي تفصيلي جواب ڏيڻ کان قاصر آهيون، رپورٽ سان گڏ ڪو مواد يا دستاويز ناهي جيڪو الزامن جي تائيد ڪري، جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ لڳل سمورن الزامن ۾ معصوم آهيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں