وفاق سنڌ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سرگرم، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو اهم اجلاس، بي اعتمادي رٿ بابت مشورا

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ٿيل اجلاسن ۾ پ پ جي صوبائي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. گورنر سنڌ ان حوالي سان سردار علي گوهر خان مهر کي اهم ٽاسڪ ڏنو آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به ساڻس رابطو ڪري ان حوالي سان هدايتون ڏنيون آهن.ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ميمبرن جو گڏيل اجلاس اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقويءَ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم جو ڪو نمائندو شريڪ نه ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي خلاف بي اعتمادي واري رت آڻڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا. هوڏانهن گهوٽڪيءَ ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سردار علي گوهر مهر جي ريگستان واري رهائشگاھ تي پ پ مخالفن سان گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ سردار علي گوهر مهر، علي محمد مهر، غوث بخش مهر، حليم عادل شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب گورنر سنڌ سردار علي گوهر مهر کي اهم مينڊيٽ ڏيندي چيو ته پ پ مخالف گروپن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ جو نالو اي سي ايل ۾ اچڻ کانپوءِ پيدا ٿيل اتحاد تي غور ويچار ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان به سردار علي گوهر مهر سان رابطو ڪري سنڌ جي تازي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هوڏانهن جي ڊي اي به صورتحال تي غور لاءِ 7 جنوري تي اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري کي سنڌ قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خاص ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. فواد چوڌري سنڌ جي مختلف جماعتن جي سربراهن سميت ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪري کين جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ وزيراعظم جي اهم پيغام کان آگاهه ڪندو. ذريعن سنڌ جي سياست ۾ وڏي پيماني تي هلچل ٿيڻ واري آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي طرفان وفاق تي عدم اعتماد جي ڳالهه ڪئي وئي هئي جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن به دعويٰ ڪئي هئي ته هو جلد سنڌ حڪومت کي ڪيرائيندا. هاڻي ان ئي سلسلي ۾ وزيراعظم وفاقي وزير فواد چوڌري کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جو خاص ٽاسڪ ڏنو آهي، هاڻي فواد چوڌري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جو دورو ڪندو، جتي هو ذوالفقار مرزا، امير بخش ڀٽو ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن سميت با اثر شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف سرگرم ٿي وئي. پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي جي 16 کان 20 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي، تفصيل موجب سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت کي خطرا سامهون اچي ويا آهن، تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. گرين سگنل ملڻ تي پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت سرگرم ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۾ به هلچل مچي وئي آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف 2002ع جي پرويز مشرف جي فارمولي تحت تحرڪ ۾ اچي وئي آهي، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي صفن مان 16 کان 20 ميمبرن جي ڳولا تيز ڪئي وئي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن جو تعداد 68 آهي، اپوزيشن کي وزيراعليٰ آڻڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 84 ميمبر گهربل آهن. 2002ع ۾ مشرف حڪومت پيپلز پارٽي پيٽرياٽ بڻائي سنڌ ۾ پنهنجو وزيراعليٰ آندو هيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں