اسان جون خانگي ميڊيڪل ڪاليجون ڊاڪٽر نه پر عطائي بڻائي رهيون آهن: چيف جسٽس

0Shares

لاهور (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جڏهن مان چيف جسٽس بڻيس ته مون کي مبارڪون ڏنيون ويون، پر مون کي مبارڪ تڏهن ڏني وڃي جڏهن مان رٽائر ٿي وڃان، تڏهن خبر پوندي ته مان ڪامياب ٿيو آهيان يا نه، زندگي ۾ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ڪاميابي الله تي ڇڏي ڏني آهي، منهنجي محبت ڪنهن علائقي يا ڪنهن اسپتال سان ناهي، پوري پاڪستان سان آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سروسز انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو سڳو ڀاءُ شاهد آهي ته مان 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ نه سمهندو آهيان، صبح جو نڪتل رات 12 وڳي تائين ڪورٽ ۾ هوندو آهيان. مون کان غلطي ٿي سگهي ٿي پر منهنجا ارادا ڪڏهن به غلط نه رهيا آهن، هن چيو ته منهنجي محبت پاڪستان جي سمورين اسپتالن، سمورين يونيورسٽين سان آهي، ٿرپارڪر هجي يا بهاولپور، پشاور هجي يا بلوچستان جي ڪائي اسپتال سڀني سان محبت آهي، تقريب جي خاص مهمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جون پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجز ڊاڪٽر نه عطائي بڻائي رهيون آهن، انهن جا ڊاڪٽر بلڊ پريشر به چيڪ نه ٿا ڪري سگهن، ان لاءِ پرائيويٽ اسپتالن خلاف اهڙا قدم کنيا. چيف جسٽس چيو ته پرائيويٽ ڪاليجن ڪروڙين رپيا ڪمايا، مان والدين کي واپس ڏياريا، منهنجو ڪم ناهي نه ئه ئي هيو ته اسپتالن کي هلايان پر جتي غلطيون ۽ ڪوتاهيون هيون، اهو منهنجو فرض هيو ته انهن کي صحيح ڪيان، پاڪستان م اڄ به اهڙيون شيون آهن جيڪي عالمي دنيا جي ليول تي ناهن، دنيا ۾ صرف انهن ترقي ڪئي، جن تعليم تي توجهه ڏنو، ان لاءِ مان چوندو آهيان ته جيترا به وسيلا هجن اهي تعليم تي لڳايا وڃن. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي هيلٿ ڪيئر سسٽمز ۾ بهتري آهي آهي، ڪيترين ئي اسپتالن ترقي ڪئي آهي، ڇو ته سربراهه سٺا مقرر ٿي ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں