ڪشمور (ن هه) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جي تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن ملڪ ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪجهه ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان سان سٺو سلوڪ ناهي ڪيو. ڪشمور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ٻولي منهنجي مٺي آهي پر اسلام آباد ۾ ويٺل گونگن ۽ ٻوڙن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ اردو ۾ ڳالهائيندو آهيان. اڳوڻي صدر چيو ته اسان جي تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان سان سٺو سلوڪ ناهي ڪيو پر اسان کي ان سان فرق نٿو پوي، اسان ان کان نٿا ڊڄون. آصف زرداري چيو ته گونگا ۽ ٻوڙا نٿا سمجهن، اهي اسان کي جيترو به ڪپيندا ۽ ماريندا پر اسان اڳيان وڌنداسين، هنن ڀٽو کي شهيد ڪيو، ان باوجود بيبي کي روڪي نه سگهيا، ٻه ڀيرا بيبي جي حڪومت ڪيرائي وئي، منهنجي حڪومت ڪيرائي نه سگهيا، مون 5 سال پورا ڪري ڏيکاريا، پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو، اسان گڏيل طور تي بجيٽ صوبن ۾ ورهائي، جنهن سان سمورن صوبن کي فائدو ٿيو، پنهنجي دور ۾ 5 پل ٺاهيا ۽ هاڻي ڇهين ٺاهينداسين، پر اتي جيڪي ويٺل آهن انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. هن چيو ته گئس فيلڊون منهنجون ناهن، هڪ ڏينهن ايندو جڏهن پنهنجي ڪمپني ٺاهيندي ۽ پنهنجي گئس ڪڍندي، جهڙي ريت اسان ڪوئلو ڪڍيو ۽ ان ۾ عوام کي پارٽنر شپ ڏني، ان ۾ منهنجو ڪو حصو ناهي، اهو ڪاروبار اوهان جو آهي، اسان جو نه، توهان هر شيءَ ۾ ٽنگ اڙايو ٿا، اسان رازدار آهيون ۽ پنهنجي حال تي خوش رهون ٿا. هن چيو ته هي اسان کي پڪڙي ويٺا آهن ته اسان ٻاهر نه ٿا وڃي سگهون، مون ته ضمانت وقت پنهنجو پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو هو، منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ضرورت نه هئي. آصف زرداري چيو ته توکي بينڊ وڄائڻو آهي ۽ گيت ڳائڻو آهي ته ڪريو، ڏسون ٿا، هي راڳ تڏهن شروع ڪيو ويو جڏهن چونڊ ٿي رهي هئي پر ان سان منهنجي ووٽرن جا حوصلا گهٽ نه ٿيا، انهن کي منهنجي نيت جي خبر آهي، مون کي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ دفن ٿيڻو آهي، ڀٽو ۽ بيبي کي حساب ڏيڻو آهي، اسان پنهنجي ڌرتي ۽ عوام خاطر وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته توهان سياسي ادارن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته ڇا سمجهون، جيڪڏهن توهان وٽ عقل ناهي ته ڇا ڪريان، منهنجي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ به تيار ناهيو، اسان ته اڳيان به ڏسون ٿا ته پوئتي به، اسان هر قوم جو مزاج ڄاڻون ٿا ته ڪنهن سان ڪهڙي ريت هلڻ گهرجي، اسان ڌرتي جا پٽ آهيون، توهان ڪڏهن ڪراچي جون ڇوليون ناهن ڏٺيون. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڪابه ساز ش ڪن پر عوام ناڪام بڻائيندو، سنڌ جي ماڻهن جي اڳ کان وڌيڪ خدمت ڪنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟