سينچورين ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

سينچورين (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ڏنل 149 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي ميزبان ٽيم جا اوپنرز ميدان ۾ لٿا ته ٻئي  اوور ۾ حسن علي جي بال تي اوپننگ بيٽسمين ايڊن مارڪرم ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. ٻئي وڪيٽ لاءِ هاشم آملا ۽ ڊين ايلگر وچ ۾ 119 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي ۽ ڊين ايلگر 50 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پارٽ ٽائيم بالر شان مسعود جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو. پروٽيز کي ٽيون نقصان ڊي بران جي صورت ۾ ٿيو جيڪو ياسر شاهه جي بال تي سرفراز احمد جي هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي به پاڪستاني قائد سرفراز احمد جيان جي نقش قدم تي هلندي ٻي اننگز ۾ به ٻُڙي تي شاهين آفريدي جي بال تي حسن علي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ڊيون اوليويئر کي ٻنهي اننگز ۾ 11 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں