مني لانڊرنگ خلاف سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، سنڌ مان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ کان وڏو مسئلو مني لانڊرنگ جي ڪري آهي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب پاڪستان مان ساليانو 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي، اسان مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ڊالر جي اسمگلنگ ڪندڙ پنهنجا ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪن. وزيراعظم پيپلز پارٽي جي جلسي طرف اشارو ڏيندي چيو ته سنڌ مان ڪالهه رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، اهي رِڙيون مني لانڊرنگ جون آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان چار مهينا ڏاڍا ڏکيا گذاريا آهن، بجلي، گيس ۽ پي آءِ اي سميت هر جاءِ تي خسارو ئي خسارو هو، اڃان به پاڪستان کي چيلينجز آڏو آهن جڏهن ته بحراني صورتحال ناهي، مان جيترو اڄ مطمئن آهيان پهريان نه هوس. هن وڌيڪ چيو ته سمورن مسئلن جو سبب بدانتظامي آهي، ان کي درست ڪري وٺون ته مسئلا حل ٿي ويندا، ماضي ۾ اسٽرڪچرل سڌارن تي ڪنهن عمل نه ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف کان مالي امداد بابت ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ڪا به تڪڙ ناهي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي بهتر شرطن تي قرض ڏيندو، آءِ ايم ايف آمدني وڌائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جا آمريڪا سميت پوري دنيا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي، ان ۾ صرف رڪاوٽ اها آهي ته ڀارت ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان 12 ڪروڙ نوجوانن جي آبادي تي ٻڌل آهي، اسان غربت جي خاتمي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آڻي رهيا آهيون، جلد ان حوالي سان گڏيل پروگرام جو اعلان ڪندس. وزيراعظم چيو ته 4 مهينا تمام ڏکيا گذاريا آهن، بجلي، گئس ۽ پي آءِ اي سميت هر هنڌ خسارو ئي خسارو هيو، هن وقت به پاڪستان کي چيلينجز درپيش آهن پر بحران واري صورتحال ناهي، جيترو اڄ مطمئن آهيان، اوترو پهريان نه هيس.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں