جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو ان ڏس ۾ اٽارني جنرل سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا تفصيل موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ ان ڏس ۾ اٽارني جنرل سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ 31 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٻڌڻي ڪندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ 172 ماڻهن جا نالا شامل ڪرڻ جي منطوري ڏني ويئي هئي ان کان اڳ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ڪميٽي جي سربراهه احسان صادق سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ۽ ڄاڻايل نالن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي ان کان اڳ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ڪميٽي جي سربراهه احسان صادق سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ۽ ذڪر ڪيل نالن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ جعلي بينڪ اڪائونٽس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چاڻايل ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پارڪ لين، پارٿينون ملڪيتون خريد ۽ وڪرو نه ڪري سگهبيون، اهڙي ڪا به ملڪيت خريد ۽ وڪرو نه ٿيندي، جنهن ۾ ڪمپنين جو بينيفشل انٽرسٽ هجي، رپورٽ ۾ ڄاڻايل شخصيتون پنهنجو پاڻ کي ملڪيتن کان ڌار نه ٿيون ڪري سگهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں