پاڻي ۽ صحت وارن معاملن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس

0Shares

لاهور(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت وفاقي حڪومت کان ٽائيم شيڊول طلب ڪندي چيو آهي ته پاڻي ۽ صحت وارن معاملن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا. چيف جسٽس وفاقي حڪومت کان نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪندي چيو ته توهان سڀني کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏئي ڇڏيو. پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير خسرو بختيار عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهي آهي، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته نئين گاج ڊيم لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت سان رابطو ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڻي ۽ صحت وارن معاملن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري ته معاملا دير جو شڪار ٿي وڃن ٿا، بيورو ڪريسي وارن معاملن جي ڪري هي معاملو دير جو شڪار نه ٿئي، ان ڪري سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلو. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪيترن ئي معاملن جون سمريون وڏي وزير وٽ پيل هونديون آهن، پنجاب جي وڏي وزير وٽ کوڙ اهڙيون سمريون پيون آهن، جيڪي 2 ڪلاڪ دير به نه رڪڻ گهرجن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں