اسلام آباد ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ويٺل آهن، اسان کي جهڪائي نٿو سگهجي: آصف زرداري

0Shares

سکر/گهوٽڪي/خانڳڙهه(نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم مون اڪيلي سِر نه پر پارليامينٽ پاس ڪئي آهي جنهن ۾ سمورن صوبن کي حق مليل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن خانڳڙهه ۾ پ پ ايم پي اي علي نواز خان عرف راجه خان مهر پاران ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪو چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته اسين 18هين ترميم تحت پاڪستان جي سمورن صوبن کي خودمختيار بڻايو پر افسوس جو صوبن کي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي اسين ڪجهه ڳالهائينداسون ته اهڙي ڳالهه نڪرندي جيڪا پري تائين ويندي. هن چيو ته اسان جو نظريو آهي ته صنعتي ادارن توڙي وسيلن تي پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي، صرف تقريرون ڪري مخالفن تي تنقيد ڪرڻ سان پاڪستان مضبوط ڪونه ٿيندو بلڪه پاڪستان تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن بغير ڪنهن فرق جي عوام کي بنيادي حق فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته مستقبل ۾ تاريخ لکندي ته اسان پاڪستان ۽ قوم لاءِ ڪهڙا قدم کنيا جن خلاف هاڻي سازش ڪئي پئي وڃي، اسان ته چونڊون کٽي به اپوزيشن ۾ ويهندا آهيون ۽ اقتدار ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ايندا آهيون. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چيو ته گهوٽڪي ضلعو جيترو روينيو ڏئي رهيو آهي وفاق سان ڳالهائي ڪجهه ته رليف ڏياريو وڃي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته  اردو ۾ تقرير ڪرڻ جو مقصد اسلام آباد ۾ ويٺلن کي ٻڌائڻ آهي ته پ پ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن ڇو ته پيپلز پارٽي جي قيادت توڙي ڪارڪن ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهن. ان موقعي تي وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو وفاقي حڪومت ماضي جي ڀيٽ ۾ گهٽ روينيو اڳاڙيو ويو آهي جيڪي حڪمران روينيو نه ٿا اڳاڙي سگهن انهن کي ڪهڙي خبر ته حڪومت ڪيئن ٿيندي آهي. هن چيو ته گهوٽڪي سميت سموري سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ صعنتي ادارن تي آئين موجب پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي پر افسوس جو 2013 کان وفاقي حڪومت ته ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ مٿان به پابندي لڳائي ڇڏي هئي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران سوئي سدرن  گيس ڪمپني کي قرض  ڏنو ويو ته جيئن عوام کي گيس ملي سگهي جيڪو ڪم وفاقي حڪومت جو آهي پر عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت تڪڙا قدم کنيا ۽ هاڻي ڪمپني پاران اهو قرض به واپس نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ ميگا پراجيڪٽ ٺاهيو ويو جنهن تحت متاثر ٿيل ماڻهن کي 11 سئو گزن تي گهر ٺهرائي ڏناسون ۽ ميگا پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي وڌ کان وڌ ترجيح ڏئي کين پراجيڪٽ ۾ حصو ڏنو ويو جيڪي هاڻي مالڪ آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ هاڻي ان جي خواهش آهي ته سنڌ حڪومت به پنهنجو ڪم بند ڪري. هن چيو ته اسين عوام جي حقن خاطر مسلسل وفاق سان ڳالهائيندا رهون ٿا ان سلسلي ۾ ڪيترائي اهم معاملا سي سي آئي ۾ پيڊنگ ۾ پيل آهن ۽ هاڻي وفاقي حڪومت ۾ جيڪو آيو آهي ان کي حڪومت ڪرڻ جي ڪا خبر ئي ناهي ته حڪومت ڪيئن ڪبي آهي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ان پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي ته هُو ڪهڙي ريت سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، اليڪشن وقت به پيپلز پارٽي خلاف سازشون ڪيون ويون پر سنڌ جي عوام اسان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ووٽ ڏنا، سنڌ حڪومت هميشه جيان مستقبل ۾ به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت ڪندي رهندي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عوام جا حق وفاق کان آئين مطابق کسي وٺنداسون. ان کان اڳ ايم پي اي علي نواز خان عرف راجا خان مهر آجياڻيو خطاب ڪندي جلسي ۾ اچڻ تي پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي هُن تقرير ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ان جي باوجود هتان جي عوام کي ڪي به سهولتون ناهن ملي سگهيون انڪري گهوٽڪي ضلعي جا مسئلا حل ڪيا وڃن. جلسي ۾ ايم اي اين سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، صوبائي وزير باري خان پتافي، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، ايم پي اي سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي ميرخالد احمد خان لنڊ ۽ صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش خان مهر شرڪت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں