لاڏلي جي ڦاٽل دهلن ٻيهر للڪاريو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ نسورو ڪوڙ ۽ عدالتن کي گمراهه ڪرڻ جي سازش آهي:آصف زرداري/ بلاول ڀٽو

0Shares

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(بيورو+ن هه) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڏهاڙي تي منهنجي امڙ کي کسيو ويو جنهن کي يارنهن سال گذري چڪا آهن، سندس جي شهادت کان بعد سندس جو خال ڀرڻ ناممڪن آهي مون کي خبر آهي ته هي ڏکيو سفر آهي مون وٽ جيڪڏهن ڪو سرمايو ۽ اميد آهي ته اهي بيبي جا جيالا ۽ ڪارڪن آهن. هن چيو ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندڙ محترمه جا ڀائر ۽ ڀينر آهن جيڪي اڄ به اميدون رکيون ويٺا آهن. هن چيو ته سال 2016 کان مون جنهن سياسي سفر جي شروعات ڪئي ان جو مقصد ۽ منزل محترمه جي قوم سان ڪيل واعدن کي نڀائڻ آهي جنهن خواب کي پوري ڪرڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان قرباني ڪري ڇڏي. هن چيو ته هن معاشري ۾ استحصال کي ختم ڪرڻو آهي جنهن هن ملڪ جي غريب عوام سفيد پوش طبقي کي خطرو آهي. هن چيو ته مون کي اندازو نه هو ته صرف ٻن سالن تائين مون اڳيان ڪهڙي طرح ڀتيون بيهاري ۽ رستي ۾ ڪندا ۽ رڪاوٽون وجهي منهنجي ذات تي حملا ڪيا ويندا پر شايد انهن کي اندازو نه آهي منهنجي رت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه جو رت ڊوڙي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مان شهيدن جي مزارن آڏو بيهي انهن کي پيغام ڏيان ٿو ته مون کي شهيدن جي رت، قربانين ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مقدس مٽي جو قسم آهي مان توسان وڙهندس تنهنجي ظلم سان وڙهندس، تنهنجي ڪوڙ سان وڙهندس، تنهنجي ظلم اڳيان بيهندس ۽ تنهنجي غرور کي خاڪ ڪري ڇڏيندس. هن چيو ته شايد سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ان شيءَ جو اندازو ناهي ته هن وقت وفاق جو پاڙون ڪيتريون ڪمزور ٿي چڪيون آهن ڪهڙا سبب آهن جو ڪي پي ڪي ۾ نوجوانن جي هڪ تحريڪ زور ۽ شور سان اٿي رهي آهي ۽ ڇو نوجوان ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن، مان چوندو رهيو آهيان ته نوجوانن کي ديوار سان نه لڳايو انهن جي ڳالهه ٻڌو، انهن جي گلي کي نه ٻڌايو پر مجال آهي جو هن ملڪ جي ٺيڪيدارن کي احساس ٿئي. هن چيو ته ڪوئيٽه ۾ کليل آسمان هيٺ منهنجي ڌيءُ، ڪيتريون ئي بلوچ مائرن ۽ ڀينرن جا مطالبا ڇو نه ٻڌا پيا وڃن انهن جا پيارا سالن کان سال ڇو گم آهن جيڪڏهن اهي ڏوهي آهن ته انهن کي عدالتن ۾ ڇو پيش نه ٿو ڪيو وڃي؟ پر مجال آهي جو هن ملڪ جي ٺيڪيدارن کي احساس ٿئي. هن چيو ته مان پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪهڙا سبب آهن جو ٽن صوبن جي اسيمبلين مان ڪالاباع ڊيم جي خلاف قرارداون پاس ٿيڻ باوجود ان ڊيم کي ٺاهڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ جي اعتراضن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو پيو وڃي پر مجال آهي جو هن ملڪ جي ٺيڪيدارن کي احساس ٿئي، مان اِهو پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڇو گلگت بلستان سان ٻٽو رويو رکيو ويو آهي جيڪڏهن اتي ايف سي آر جو خاتمو آندو ويو ته پيپلز پارٽي ان جو خاتمو آندو. اتي پهريون ڀيرو وزيراعليٰ ۽ اسيمبليون وجود ۾ آيون ته اهي پيپلز پارٽي ڏنيون پر ڇو گلگت بلتسان 70 سالن تائين سرزمين تي نه آئي، اتان جو عوام شايد وڌيڪ عرصو ناانصافي برداشت نه ڪن پر پر مجال آهي جو هن ملڪ جي ٺيڪيدارن کي احساس ٿئي، مان پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته نواز شريف کي سزا ڏيارڻ بعد جيڪي نعرا پنجاب ۾ لڳايا ويا ان جو ڪير تصور به نه ڪري سگهندو هو جنهن طرف نظر ڊوڙايون اتي نفرت جي هڪ لهر آهي پر مجال آهي جو ملڪ جي نام نهادن ٺيڪيدارن کي فڪر ٿئي پر اُهي پنهنجي اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ ڌت آهن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان قاصر آهن ته ملڪ هٿن مان نڪرندو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ ملڪ جون واڳون هڪ غير تجربيڪار جي هٿ ۾ ڏنو ويو، هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جنهن کي پنهنجي وزيراعظم ٿيڻ جو پنهنجي گهر واري کان پتو پوندو آهي ۽ ملڪي معيشت جي ڄاڻ ٽي وي تان ملندي آهي. هن چيو ته هن پهرين 100 ڏينهن ۾ ملڪ جي عوام کي مهانگائي جي سونامي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، ملڪي معيشت کي اهڙي هنڌ کڻي بيهاريو جتان واپسيءَ جو رستو نظر نه پيو اچي، هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪندڙ مهنگائي ۽ بيروزگاري جو طوفان کڻي ڇڏيو آهي، نام نهاد حددخلين جي آپريشن جي نالي تي لکين غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن کي گهرن جي ڇتن کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي، بجلي، گئس، روٽي ۽ مهانگي نان هي آهي خان جو نئون پاڪستان. هن چيو ته پوري قوم اها سوال ڪري رهي آهي ملڪ جي سڀ کان وڏي ڌانڌلي ۽ آر ٽي ايس سسٽم کي فيل ڪرڻ ۽ نتيجا ٽن ڏينهن تائين روڪڻ بعد ۽ 95 سيڪڙو قوم کي پريشان ڪرڻ عوام جو ووٽ چوري ڪندي وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي. جيڪڏهن خان صاحب کي حڪومت ڏيڻي هئي ته ٿوري تياري به ڪرايو ها پر اوهان بي نامي اڪائونٽن جي جاچ ڪئي جيڪڏهن همٿ آهي ته بي نامي وزيراعظم جي به جاچ ڪريو. هن چيو ته وزيراعظم کي اهو ته ٻڌايو ها ته ڪرڪيٽ جي راند ۽ حڪومت ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، ان کي اِهو ته سمجهايو ها ته ڪڪڙين ۽ انڊن سان ملڪ جي تقدير بدلجي نه ويندي آهي ان لاءِ ثابت قدم ٿيڻو پوندو آهي ۽ پنهنجا واعدا پاڙي قرباني ڏيڻي پوندي آهي، انفرادي سوچ بجاءِ اجتماعي سوچ رکڻي پوندي آهي پر خان صاحب چوندو آهي ته يوٽرين وٺڻ عظيم ليڊر جي نشاني آهي خان صاحب اوهان کي اِها عظمت مبارڪ هجي. هن چيو ته نظر ڊورائي ڏسو هن مزار ۾ اهي شهيد دفن آهن جن جانين جون قربانيون ڏنيون پر يوٽرن نه ورتو، مان سمجهان ٿو ته خان صاحب کي آڻڻ جو اصل مقصد ٻيو آهي، عمران خان اها ڪٽ پتلي آهي جيڪو هن ملڪ کي ون يونٽ بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هن ملڪ ۾ هڪ پارٽي جي حڪومت قائم ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته هو ملڪ ۾ 18 هين ترميم جي ذريعي صوبن کي مليل حق غضب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو اين ايف سي ايوارڊ جي ذريعي صوبن کي ملندڙ مالي اختيار کسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته صوبن جي قدرتي وسيلن جهڙوڪ گيس تي وفاق جو قبضو چاهي ٿو ۽ ملڪ ۾ ون يونٽ نظام جي راهه هموار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان مٿان دٻاءُ ان ڪري وڌو پيو وڃي ته اهي چاهن ٿا ته مان 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ مان انهن جو ساٿ ڏيان، اهي چاهن ٿا مان عوام جي حقن تي سودو ڪيو ۽ غريب عوام سان غداري ڪيان پر مان اهو ڪڏهن به نه ڪري سگهندس ۽ ڪڏهن به نه ڪندس. هن چيو ته هي هي مون کي نام نهاد ۽ هڪ طرفي احتساب کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، اسان مشرف جو احتساب ۽ انتقامي ڪاروايون ڏٺيون آهن، اسان سيف الرحمٰن جو احتساب بيورو، ضياءَ الحق جو احتساب ڪوڙا، جيل ۽ ڦاهيون ڏٺيون آهن، اسان ايوب جو سياسي انتقام ۽ جيلون ڏٺيون آهن ته پوءِ اوهين ڪهڙي باغ جا مولي آهيو، اوهان جي ڪهڙي حيثيت آهي اوهان ته صرف ڪٽ پتلي آهيو اوهان جي ڏور ٻيو لوڏي رهيو آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ايسيتائين جو غيرجانبدار حلقا به اهو سوال ڪري رهيا آهن ته هي ڪهڙو احتساب آهي جنهن جو نشانو صرف ۽ صرف اپوزيشن اڳواڻ آهن ڇو وزيراعظم، ڪابينا جا وزير ۽ ان جو خاندان احتساب کان بالاتر آهي، نيب جون ڦڙيون اپوزيشن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇو؟ هي ڪهڙي نيب آهي جو پروفيسرن کي هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويندو آهي نيب جي حراست ۾ ماريو ويندو آهي پر عليمه خان ۽ عليم خان جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ٿئي هي جيڪو مذاق اسان سان ڪري رهيا آهن، مان واضع ڪريان ته هي جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ ۽ ڪوڙ ۽ صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي مون سميت ملڪ جو عوام به نه ان کي نه ٿو مڃي، عزت مآب عدالتن کي بيوقوف ۽ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدالتن کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي طور استعمال ڪيو پيو وڃي پر مون کي يقين آهي ته عدالتون هن ڪوڙي ۽ جعلي جي آءِ ٽي رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندي. هن چيو ته هي هليا هئا مني لانڊرنگ جي جاچ ڪرڻ پر هي ڳولهي آيا ڌوٻي واري کي، هي ڪهڙو نظام آهي جو شهيد ايس پي طاهر داوڙ کي اسلام آباد مان اغوا ڪرڻ ۽ مارڻ وارن جو پتو نه ٿا لڳائي سگهن پر منهنجي ناشتي جو بل به هنن کي ملي ويندو آهي هي ڪهڙو نظام آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي سالن کان سال رکيل اصغر خان ڪيس جي جاچ نه ٿي ڪري، جهانگير ترين جي باورچي ۽ مالهي جي جائيدادِ لاءِ آءِ ٽي نه ٿي ٺاهي وڃي ۽ اسان جي صدقي وارن ٻڪرن جو به حساب ورتو پيو وڃي. هن چيو ته هو حساب پيا وٺن جڏهن مان هڪ سال جو هيس ۽ جڏهن مان 6 سالن جو ٻار هيس ته مون کي ستاره امتياز ملڻ گهرجي پر هي مون کي نوٽيس موڪلي رهيا آهن اڄ ٻيهر صدر زرداري سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اڳ ئي هن 11 سال جيل ۾ گذاريا. هن چيو ته ڪائونٽر بم، اي آر واءِ گولڊ، منشيات، بي ايم ڊبليو، پولو گرائونڊ، خونن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟ جن ۾ هو باعزت بري ٿيو ۽ انشاءَ الله هن ڪيس مان هو بري ٿي ويندو. هن چيو ته ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي گهر جي عورتن مٿان به ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اڄ اسان جي ٽين نسل کي ڪوڙن ڪيسن ۾ عدالت م گهليو پيو وڃي پر اسان کي انصاف ڪڏهن ملندو؟ ڀٽو شهيد جي عدالتي قتل جو انصاف ڪڏهن ملندو؟ محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ڪڏهن عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو؟ شهيد بيبي جي قتل جو انصاف ڪڏهن ملندو؟ هو قوم جي ڌيءُ ۽ نياڻي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو 11 سالن بعد به انصاف جي منتظر آهي. هن چيو ته هي چون ٿا ته صدر زرداري هي ڪيو هو ڪيو مان مڃان ٿو ته زرداري جي ڏوهن جي فهرست تمام وڏي آهي ان جو سڀ کان وڏو ڏوهه اِهو هو جو جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان بعد ملڪ سڙي رهيو هو ته سنڌ مان زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، ان جو ڏوهه اِهو هو ته نواب اڪبر بگٽي جي شهادت بعد صدر زرداري بلوچ عوام کان معافي ورتي جيڪو هڪ فوجي آمر ڪيو هو ۽ هن آغاز حقوق بلوچستان ڪيو، هن جو ڏوهه اِهو هو ته سينگارپور کان گوادر پورٽ وٺي چائنه حوالي ڪيو جنهن تي سي پيڪ جهڙو عظيم منصوبو شروع ٿيو، هن جو ڏوهه اِهو هو ته هن 1973 جي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو، ان جو ڏوهه اِهو هو ته جيڪو ملڪ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ تي مجبور هو ان ملڪ کي هڪ سال جي اندر ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ وارو ملڪ بڻايو، هن جو ڏوهه اِهو هو جو هن ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين جي شروعات ڪئي انهن منصوبن کي مڪمل ڪيو وڃي ها ته اڄ هي گئس جو بحران نه هجا ها، هن جو ڏوهه اِهو هو ته هن ڪشڪول کڻي گهمڻ بجاءِ امداد نه پر واپار جي ڳالهه ڪئي انهن ڏوهن جي فهرست تمام وڏي آهي پر زرداري جو عزم اِهو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه جي خوابن کي تعمبير ڏيان. هن چيو ته اڄ مان اوهان کي چوان ٿو ته اچو هن ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي ميدان ۾ قسم کڻي ان عزم جو ٻيهر اظهار ڪندي پاڻ کي نئين جنگ لاءِ تيار ڪريون جنهن جنگ لاءِ وڙهندي وڙهندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ان جنگ کي جاري رکنداسين ۽ مان اها جنگ پنهنجي مورچن تي پاڻ وڙهندس، اوهان منهنجو ساٿ ڏيو ٿا مون سان گڏ وڙهندو، مون سان گڏ جدوجهد ڪندئو اسان کي هن ملڪ کي ڪٽ پتلين کان نجات ڏيارڻو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جي جهنڊي هيٺ گڏجي غيرجمهوري قوتن جو مقابلو ڪريون، جمهوريت تي حملي کي روڪينداسين، ملڪي ادارن تي حملن کي روڪينداسين، عوام تي حملن کي روڪينداسين، صوبائي خودمختيار تي حملن کي روڪينداسين، آزادي اظهار تي ٿيندڙ حملن کي روڪينداسين، اسان 18 هين ترميم تي ٿيندڙ هر حملي کي روڪينداسين، اسان کي هر دور ۾ عدالتن ۾ گهلي ويو، ڪوڙا ڪيس ٺاهي رسوا ڪيو ويو اسان ڪالهه به عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهيون ۽ سڀاڻي به پيش ٿيندا رهنداسين ۽ اسين نه صرف عدالتن ۾ پيش ٿينداسين پر عوام جي به عدالت ۾ پيش ٿينداسين اسان اڳ به سرخرو ٿياسين ۽ هاڻ به ٿينداسين ڇاڪاڻ جو اسان شهيدن جو علم پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي انهن انهن ظالمن ۽ طاقتن جو مقابلو ڪنداسين جنهن جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو ڇاڪاڻ آخر ۾ فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ لاڏلي جي ڦاٽل دُهلن اسان کي ٻيهر للڪاريو آهي اسان انهن جو اڳ به مقابلو ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، رهيو سوال بلاول جو هو بيبي ۽ منهنجو پٽ آهي ان کي ڪير ڊيڄاري نه ٿو سگهي، پيپلز پارٽي انهن کي منهن ڏيندي اسان جي جيالن ۾ ايتري همٿ آهي جو هنن جو مقابلو ڪيون. هنن چيو ته اسان 100 ڏينهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ، ٻجن جون قيمتون، آئين تي ڪم ڪيو پر هنن 100 ڏينهن ۾ ڪجهه به نه ڪيو، مون 100 ڏينهن ۾ مشرف کي صدارتي هائوس مان ٻاهر ڪڍيو جيڪو ڪم ڪرڻ چاهي ان لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ جيڪو نه ڪرڻ چاهي ان لاءِ ڪجهه نه آهي، هي صرف ٽي وي تي اچي ڳالهيون ڪندا آهن. هن چيو ته اسان جمهوري طريقي سان ٺپا هڻي اليڪشن کٽينداسين، هي حڪومت ڪري نه ٿا سگهن، پاڪستان کي هلائي نه ٿا سگهن ۽ نه ئي معيشت کي سنڀالي ٿا سگهن، هنن کي پرڏيهي امداد ملي آهي پر ان جي باوجود به هنن کان ملڪ هلي نه ٿو سگهي. هن چيو ته ڪارڪنن هتي اچي اِهو ثابت ڪيو آهي ته اسان سڀ ڀٽو آهيون ۽ وڙهڻ لاءِ به تيار آهيون، هي نه ٻڌي ٿا سگهن ۽ نه ئي انهن وٽ ڪا سوچ آهي انهن جو عدالتن ۾ به مقابلو ڪنداسين هي جتان شروعات ڪندا اسان اتان انهن سان مقابلو ڪنداسين، هي جيڪو ڪم ڪندا انهن کي جواب ڏينداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں