حڪومت پاران آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ شامل آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي منصوبن سميت اهم منظوريون ڏنيون ويون. وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ 20 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن علي رضا عابدي جيمغفرت لاءِ دعا گهري، جڏهن ته وفاقي وزير پير نور الحق قادري جي پيءُ جي لاڏاڻي تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ان ۾ ايف آءِ اي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت کي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ڪيو ويو، هنن هڪ صوبي کي يرغمال بڻايو رکيو آهي، ان ڪري ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويندا. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اميد آهي ته آصف زرداري جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان وٺي، جن ماڻهن کي هاڻي سنجيدگي جو احساس نه ٿي رهيو آهي ايندڙ ڏينهن ۾ کين اندازو ٿي ويندو، هي پراڻو پاڪستان ناهي جتي ماڻهو سوديبازي ڪري وٺن. ان حوالي سان هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اي سي ايل ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه جا نالا به شامل آهن؟ ان تي فواد چوڌري جواب ڏنو ته جي آءِ ٽي جن جن ماڻهن کي چونڊيو آهي ان جا نالا شامل آهن ۽ ظاهر آهي ته آصف زرداري کانسواءِ ڪابه شيءَ ڪيئن مڪمل ٿي سگهي ٿي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪابينا ڪراچي جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو آهي، ڪراچي جو امن معيشت سان ٻڌل آهي، اسان شهر جي امن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم باني الطاف جنهن ريت برطانيا ۾ ويهي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ان معاملن کي برطانوي حڪومت سان گڏجي کنيو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گينگ به متحرڪ آهي ان ڪري پرڏيهي آفيس اهو معاملو ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت سان گڏ کڻي، ان حڪومتن کي ڌيان ڏياريو وڃي ته ڪهڙي ريت انهن جي زمين ڏوهن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪابينا ايف آءِ اي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي، جنهن طريقي سان جي آءِ ٽي ۽ ٻين معاملن ۾ ايف آءِ اي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان جي وزيراعظم تعريف ڪئي آهي. پيپلز پارٽي پاران احتجاج جي سڏ واري سوال تي فواد چوڌري چيو ته حيران آهيان، چيو پيو وڃي ته انور مجيد ۽ اسان پئسو ٺاهيو، هاڻي ان کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرو، مطلب ته جن جو پئسو لٽيو ويو انهن کي ئي چئي رهيا آهن ته ٻاهر روڊن تي نڪرو. وفاقي وزير وفاد چوڌري چيو ته ڀٽو جي پيپلز پارٽي غريبن جو انقلاب هئي، هاڻ پارٽي ۾ عجيب ۽ غريب ماڻهو آهن، اهي ته هارين لاءِ مليل سبسبڊي به کائي ويا، زرداري ٽولي جو بينظير يا ڀٽو جي سياست سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جو امن معيشت سان جڙيل آهي، شهر ۾ ڪجهه گينگ ٻيهر متحرڪ ٿي ويون آهن، امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم قائد جو معاملو برطانوي حڪومت سان اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته فرخ سبزواري کي ايس اي سي پي جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اتر وزيرستان ۾ موبائل فون بحال ڪيا ويندا، فاٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون جون کان پهريان ٿينديون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں