اليڪشن ڪميشن آصف زرداري جي نااهلي لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نااهلي لاءِ تحريڪ انصاف پاران داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان اڳوڻي صدر آصف زرداري جي آمريڪا ۾ ملڪيت سامهون اچڻ تي اليڪشن ڪميشن ۾ سندس نااهلي جي درخواست داخل ڪئي هئي. اليڪشنڪميشن درخواست منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي ٻڌڻي ۾ رڳو درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪري سندس موقف ٻڌو ويندو، وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آصف علي زرداري نيويارڪ ۾ قائم اپارٽمينٽ جو مالڪ آهي، جن جو هن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل گوشوارن ۾ ذڪر ناهي ڪيو، تنهنڪري اهو صادق ۽ امين ناهي رهيو، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں