نيب براڊ شيٽ خلاف ڪيس هارائي ويو، سوا 8 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پوندي

0Shares

لنڊن(م ڊ) نيب لنڊن جي بين الاقوامي مصالحتي عدالت ۾ ملڪيتون رڪور ڪندڙ فرم ”براڊ شيٽ“ خلاف ڪيس هارائي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي نيب کي 60 ملين ڊالر (سوا 8 ارب رپين کان وڌيڪ) رقم ادا ڪرڻي پوندي.ميڊيا رپورٽ موجب اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ برطانيه ۽ آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 پاڪستانين جي اثاثن جو پتو لڳائڻ لاءِ آئزل آف مين رجسٽرڊ براڊ شيٽ ايل ايل سي نالي فرم جون خدمتون حاصل ڪيون هيون ۽ ان سلسلي ۾ آصف علي زرداري، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ ليفٽيننٽ جنرل اڪبر کي خاص هدف بڻايو ويو هيو. ان معاهدي تحت مقرر ٽارگيٽ کان وصول ڪيل رقم مان 20 سيڪڙو ڪمپني کي ادا ڪرڻا هئا، جڏهن ته ڪنهن به الزام جو ثبوت نه مليو ۽ هڪ ڏهاڪي دوران برطانيه مان هڪ رپيو به واپس نه اچي سگهي. رپورٽ موجب انهن خرچن کان هٽي ڪري براڊ شيٽ ڪمپني فيصلو پنهنجي حق ۾ اچڻ کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ۽ ڪيس جي خرچن جي مد ۾ وڌيڪ هڪ ڪروڙ آمريڪي ڊالر جي دعويٰ به ڪندي، جڏهن ته وياج جي مد ۾ 7 سيڪڙو به وصول ڪندي. ٻئي طرف جيڪڏهن براڊ شيٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز خلاف ڪنهن به قسم جو ڪو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پر براڊ شيٽ ڪمپني العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا ۽ ڏنڊ لڳڻ کانپوءِ وڌيڪ 60 لک آمريڪي ڊالر جي دعويٰ به ڪندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں