سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ٻارن جي فوتگين بابت مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

لاهور(بيورو) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٿرپارڪر جي سيشن جج جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  سنڌ ۾ ڳورهارين عورتن کي ڪڻڪ جي فراهمي ۾ شفافيتنه آهي. رڳو بااثر عورتن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿر ۾ 4 سئو کان وڌيڪ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. سيشن جج ٿرپارڪر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڳور هارين عورتن کي ڪڻڪ جي فراهمي ۾ شفافيت نه آهي. رڳو بااثر عورتن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. سيشن جج جي رپورٽ موجب، ڊاڪٽر پنهنجن فرضن ۾ غفلت ڪري رهيا آهن، اسپتالن ۾ 150 کان وڌيڪ ڊاڪٽرز جي کوٽ اهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته وڌيڪ معاوضو ڏيڻ باوجود ڊاڪٽر ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته سستي ڪڻڪ ۽ ڳور هاري عورتن کي مفت خوراڪ جي منظوري سنڌ حڪومت ڏني  آهي، ماڻهو خوراڪ حاصل ڪري وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن. چيف جسٽس ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پنج رڪني مانيٽرنگ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪميشن ۾ سنڌ حڪومت جا نمائندا، ٿرپارڪر جو ضلعي جج، ڊاڪٽر سونو ۽ ڊاڪٽر ٽيپو سلطان شامل آهي، ڪميشن سنڌ حڪومت جي قدمن جي مانيٽرنگ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں