سينچورين ٽيسٽ: قومي ٽيم ٻي اننگ ۾ 190 رنسن تي ڍير، ڏکڻ آفريڪا کي 149 رنسن جو آسان هدف

0Shares

سينچورين(اسپورٽس نيوز) سينچورين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن قومي ٽيم ٻي اننگ ۾ 190 رنسن تي ڍير، ڏکڻ آفريڪا کي 149 رنسن جو آسان هدف. تفصيل موجب ڏکڻ آفريڪا پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات 5 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسن تان ڪئي ۽ پوري ٽيم 223 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان مٿان 42 رنسن جي برتري حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ شاهين آفريدي 4-4 جڏهن ته حسن علي 2 وڪيٽون ورتيون. ٻي اننگز ۾ به پاڪستاني ٽيم 190 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٻي اننگز ۾ پاڪستان پنهنجي بيٽنگ 42 رنسن جي خساري سان شروع ڪئي ته اوپننگ بيٽسمين فخرالزمان صرف 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، فخرالزمان جي جلد آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ امام الحق شان مسعود سان گڏجي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌائيندي ففٽي اسڪور ڪئي جڏهن ته 57 رنسن جي اننگ کيڏڻ بعد امام الحق به اوليور جي بال تي بولڊ ٿي ويو. قومي ٽيم جا تجربيڪار بيٽسمين اظهر علي ۽ اسد شفيق ٻي اننگز ۾ به مڪمل طور ناڪام ٿي ويا، اظهر علي ٻڙي تي پويلين واپس هليو ويو جڏهن ته اسد شفيق صرف 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، بابر اعظم به 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ڪپتان سرفراز احمد سلپ ۾ آسان ڪيچ ڏئي پهرين اننگز جيان ٻي اننگز ۾ به ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته محمد عامر به 12 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان طرفان شان مسعود 65 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته حسن علي 11 رنسون ٺاهيون. اهڙي طرح پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ڪاميابي لاءِ 149 رنسن جو هدف ڏنو آهي. ڏکڻ آفريڪا طرفان اوليويئر ٻي اننگز ۾ به شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. واضح رهي ته ٽيسٽ ميچ جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن 15-15 وڪيٽون ڪِريون، ڏکڻ آفريڪن ٽيم 149 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ميدان تي لهندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں