فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنسز جو فيصلو محفوظ، 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ سان ٿيندڙ سلوڪ تي ڏک آهي: نواز شريف

0Shares

اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنسز تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 24 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو. رپورٽن مطابق احتسابعدالت جي جج اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڌرين طرفان ريفرنسز جي قانوني نقطن تي دليل ڏنا ويا. اڳوڻي وزيراعظم طرفان هڪ هفتي جي مهلت جي درخواست ڪئي وئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو اڳ ئي اچي چڪو آهي، جنهن ۾ کيس 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.  سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنسن جو فيصلو 24 ڊسمبر تائين ٻڌائڻ جي ڊيڊلائين ڏني هئي. اڄ ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ نوان دستاويز پيش ڪيا. خواجا حارث طرفان پيش ڪيل نوان دستاويز برطانيا ۾ حسن نواز جي ڪمپني بابت آهن، جيڪي لينڊ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ مان تصديق ٿيل آهن. خواجا حارث فريادي ڌر جي حتمي دليلن کانپوءِ جوابي دليل ڏيندي چيو ته هي چون ٿا ته جي آءِ ٽي رپورٽ جاچ رپورٽ ناهي ۽ ان تي ته لکيل آهي ته اها جاچ رپورٽ آهي، جڏهن ته ان جو پورو نالو ئي گڏيل جاچ ٽيم جي جاچ رپورٽ آهي. خواجا حارث نواز شريف جي ملازمت ۽ پگهار بابت عدالتي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ چيو ته نواز شريف جي اها ملازمت رڳو ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ هئي، هو اُتان پگهار وٺي پئي سگهيو پر پگهار نه ورتائين. خواجا حارث دليل ڏنا ته سپريم ڪورٽ چيو جيڪڏهن اهي پگهارون اوهان ناهن به ڪڍرايون ته پوءِ به اثاثو آهي، جنهن تي منهنجو موقف آهي ته پهگارن جو تعين رڳو ملازمت جي ڪانٽريڪٽ جي حد تائين هو ۽ اهو رڳو ڪانٽريڪٽ جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ورتو هو، مقصد پگهار وٺڻ نه هو. خواجا حارث چيو ته نواز شريف جو ان ڪمپني ۾ عهدو رڳو رسمي هو، ڪمپنيون هلائڻ سان سندس ڪو تعلق نه هو. جنهن تي جج ارشد ملڪ پڇاڻو ڪيو ته پگهار بابت اوهان جي ڄاڻايل موقف کي درست مڃيو وڃي ته پوءِ ان جو ڪيس سان ڪهڙو تعلق جڙي ٿو؟ جنهن تي خواجا حارث چيو ته تعلق اهو جڙي ٿو ته نواز شريف جي رڳو ملازمت ثابت ٿي رهي آهي ملڪيت نه.  نواز شريف جي وڪيل چيو ته جسٽس آصف سعيد کوسا جي 20 اپريل واري فيصلي تي نظرثاني نه ڪرڻ جو به جواب ڏيان ٿو، اڪثريتي فيصلو ئي سدائين اصل فيصلو تسليم ڪيو ويندو آهي، 3 ججن جي آءِ ٽي جوڙائي هئي ۽ انهن پنهنجو فيصلو جي آءِ ٽي جي رپورٽ ڏسي ڏنو ۽ 28 جولاءِ تي انهن 3 ججن جي فيصلي تي پنجن ئي ججن صحيحون ڪيون. خواجا حارث چيو ته 28 جولاءِ تي ساڳي ئي پنج رڪني بئنچ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏني هئي. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي خلاف ٻن ريفرنسن جو فيصلو محفوظ ٿيڻ تي عدالتي ڪمري جي روسٽرم تي اچي چيو آهي ته هر ميدان ۾ دنيا اسان جي ڪارڪردگي ڏسي چڪي ۽ منهنجي خدمتن جي اها مڃتا آهي؟ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ جڏهن العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنسز جا فيلا محفوظ ڪيا ته اڳوڻو وزيراعظم روسٽرم ۾ اچي ويو. نواز شريف جج کان پڇيو ته ڇا هي منهنجي آخري پيشي آهي؟ اڳوڻي وزيراعظم جج ارشد ملڪ سان مخاطب ٿيو ته توهان جج آهيو، اميد آهي ته انصاف ملندو، مون تي هڪ پائي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. ميان نواز شريف چيو ته منهنجي اڄ هن ڪيس ۾ 78هين پيشي آهي، ان کان اڳ واري ڪيس ۾ 87 پيشيون ٿيون، اسان ڀوڳي چڪا آهيون، پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿو، ڪارڪنن ڪيس جي هر پيشي تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، دعائن تي دل جي گهراين سان قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، قوم جون دعائون هر قدم تي مون سان گڏ آهن. هن چيو ته مان 2 ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم رهيس، 35 سال عوام جي خدمت ڪئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪئي، جنهن تي خوشي آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي پر فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، اميد آهي انصاف ٿيندو. هن چيو ته مان ٻه ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ۽ 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيس پر ڪڏهن به اختيارين جو ناجائز استعمال ناهي ڪيو، ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪيو ۽ فرض نڀايو. نواز شريف چيو ته مون تي هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ۽ ڪرپشن منهنجي ويجهو کان به ناهي گذري، ڪڏهن به ڪا ڪڪ بيڪ ۽ ڪميشن ناهي ورتي، جڏهن ته اڄوڪو فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں