پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ تڪرار: پي سي بي ڪيس تي آيل خرچ جو 60 سيڪڙو ادا ڪندو

0Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز ڏنڊ ڪيس ۾ آءِ سي سي قانوني خرچن جي ادائيگي تي به ڀارت جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪيس تي ٿيندڙ خرچن جو 60 سيڪڙو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ خرچن جي مد ۾ پي سي بي کان 15 ڪروڙ رپيا ادا ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. آءِ سي سي پنهنجي فيصلي ۾ ان ڪيس تي ٿيندڙ سمورا انتظامي خرچ به پي سي بي کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مائيڪل بيلوف جي سربراهي ۾ ٽه رڪني پينل پي سي بي طرفان 7 ڪروڙ ڊالرن جي ڏنڊ واري ڪيس ۾ فيصلو ڀارتي بورڊ جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو. يعني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪجهه به هٿ نه آيو، بلڪ ڀارت ڪيس تي ايندڙ خرچ جي مد ۾ 15 ڪروڙ رپين جو مطالبو به ڪري ڇڏيو. هاڻي آءِ سي سي ان ڪيس تي ٿيندڙ خرچ به پي سي بي کي ادا ڪرڻ جو چيو آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته پي سي بي کي ڀارت جي دعويٰ تي ڪيس جو 60 سيڪڙو خرچ ادا ڪرڻو پوندو. صرف ايترو ئي نه پي سي بي کي آءِ سي سي پينل جو خرچ به ادا ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تقريبن 15 ڪروڙ ادا ڪرڻا پوندا. ان فيصلي تي پي سي بي جو موقف به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي فيصلي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بي سي سي آءِ طرفان گهٽ خرچن جو اعتراف ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته پي سي بي جو ڪيس ميرٽ تي هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں